قاضي احمد پوليس خلاف احتجاج، نينگر کي گم ڪرڻ جوا لزام

قاضي احمد (ن ع آ) قاضي احمد لڳ ڳوٺ محمد خان چانڊيو جي رهواسي عورتن گرفتار ڇوڪر جي امڙ صغران چانڊيو ثمينا چانڊيو هاجران  چانڊيو  ارشاد چانڊيو داهيندي چيو ته اسان جو برادري مسئلو هئو جنهن تان قاضي احمد ٿاڻي جي پوليس اي ايس آء مولا بخش چانڊيو جمعدار نظام الدين چانڊيو پاران جمعو چانڊيو جو چوڏھن سالن جو معصوم پٽ اعجاز چانڊيو کي گرفتار ڪري وئي ھئي جيڪو اسان جو پاڻ برادري مسئلو ھو اھو اسان پاڻ ۾ حل ڪري ڇڏيو پر ھاڻ مٿيان پوليس وارا چون ٿا ته اسان پنجاھ ھزار ڏيو ته پوءِ ڇوڪرو ڏينداسين اگر پئسا نه ڏنا ته اوھان جي ڇوڪر کي ھاف فرائي ڪري ڇڏينداسين ۽ اسان کي ڇوڪر اعجاز چانڊيو سان ملڻ نه ٿا ڏين هنن آء جي سنڌ ڊي آء جي ايس ايس پي شھيد بينظير آباد کي اپيل ٿا ڪريون اھڙي راشي اي ايس آء مولا بخش چانڊيو جمعدار نظام الدين چانڊيو کي معطل ڪري اسان کي پنھنجو معصوم ڇوڪر آزاد ڪرائي ڏنو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان ٿاڻي جي گيٽ آڏو سخت احتجاج ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.