اڳوڻي افغان نائب صدر طالبان قبضي جو پاڪستان تي الزام هڻي ڇڏيو

ڪابل ( م ڊ) افغانستان جي اڳوڻي نائب صدر امر الله صالح طالبان جي قبضي جو پاڪستان تي الزام هڻي ڇڏيو آهي. بي بي سي سان ڳالهائيندي امر الله صالح چيو ته طالبان جي قبضي جا ذميوار زلمي خليل ۽ پاڪستان  آهن. پاڪستان طالبان ذريعي آمريڪا کي بليڪ ميل ڪيو، اسان تياري نه ڪئي. اشرف غني جي نڪري وڃڻ بعد صدر هجڻ جو اعلان ڪندڙ امر الله صالح  چيو ته آمريڪا راتو رات فضائي مدد بند ڪئي، اسان سپاهين کي رسد نه پهچائي  سگهياسين جنهن سبب افغان فوجي هٿيار ڦٽا ڪندا ويا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.