وفاق ٻڌي وٺي سنڌ مال غنيمت ناهي: اياز لطيف

حيدرآباد(پ ر)  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته فاقي حڪومت کي سمجهڻ گهرجي ته  سنڌ فتح ڪيل  علائقو يا مال غنيمت ناھي، جنھن جي زمين بنگالين، بھارين، افغانين ۽ ٻين غير قانوني پرڏيھين ۾ ورھائجي، وفاق کي سنڌ جي زمينن بابت فيصلي جو ڪو اختيار ناھي، سنڌ ھزارين سالن کان سنڌين جو وطن آھي، بنگالين ۽ بھارين جي زمين ۽ ملڪيت واري دعويٰ ڪنھن به  ريت قبول نه ڪئي ويندي، اھڙين ڪميٽين کي مڪمل رد ڪريون ٿا، اياز لطيف پليجي چيو ته  بنگالين جون زمينون سنڌ مان آيون ڪٿان، پھرين ڳالھ ته  سنڌ ۾ جيڪي زمينون ورتيون هيون اھي غيرقانوني ھيون، هن چيو ته  ھاڻ جيڪي اھي بنگالي، بھاري، برمي گھرايا آھن انھن جو مطلب آڌر ڀاءُ ڪرڻ ڪونہ ھو انھن جو مقصد ھو ته  سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪجي، ان ڪري بنگالين کي ايڊجسٽ ڪرڻ لاءِ فروغ نسيم استعمال پيو ٿئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.