ڪراچي ۾ نوجوان تشدد بعد قتل، هڪ ڄڻو گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي منھگوپير فقير محمد ڳوٺ مان هڪ شخص جو تشدد ٿيل لاش هٿ پوليس لاش لاش  تحويل ۾ وٺي ڇڏيو لاش کي ايمبولينس ذريعي عباسي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس جي سڃاڻپ رضا محمد جنهن جي عمر 28 سال ٻڌائي پئي وڃي ڊي ايس پي منھگوپير عرفان احمد پاران ٻڌايو ته ابتدائي جاچ مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته واقعو گهريلو جھيڙو لڳي رهيو آهي،مقتول جي ڀيڻيوي کي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ،

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پاران وڏي وزير آڏو غلط انگ اکر پيش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) امن امان جي صورتحال بابت اجلاس ۾ ڪراچي جي ايڊيشنل آءِ جي غلط انگ اکر پيش ڪري وڏي وزير کي بيوقوف بڻائي ڇڏيو.اجلاس دوران ايڊيشنل  آءِ جي ڪراچي اسٽريٽ ڪرائم ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي جا غلط انگ اکر ٻڌايا پر سي پي ايل سي جي انگن اکرن ڪراچي پول جي ڪارڪردگي جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا.سي پي ايل سي جي رپورٽ موجب گذريل سال ۽ هلندڙ سال اسٽريٽ ڪرائم ۾ ڪا گهٽتائي نه ڏٺي وئي.انگن اکرن ۾ چيو ويو آهي ته گذريل سال 2020 ۾ 19 هزار 780 موبائل فونون شهرين کان کسيون ويون هيون، جڏهن ته هلندڙ سال 2021 ۾ جنوري کان آگسٽ تائين 14 هزار 484 موبائل فونون کسيون ويون. هلندڙ سال 27 هزار 40 موٽر سائيڪلون چوري ٿي چڪيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.