هر جج سپريم ڪورٽ آهي، پاڻ مرادو نوٽيس صرف چيف جسٽس ئي نه ٿو وٺي سگهي: قانوني ماهر

اسلام آباد( م ڊ) سپريم ڪورٽ جي پاڻ مرادي نوٽيس واري معاملي تي آئيني ۽ قانوني ماهر  مختلف راءِ ڏئي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ اڳوڻي اٽارني جنرل عرفان قادر چيو ته ملڪ جي آئين جي آرٽيڪل 184 شق 3 تحت ۾ هي ناهي لکيل ته پاڻ مرادو نوٽيس صرف چيف جسٽس وٺي سگهي ٿو. بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته هر اهو جج جيڪو ڪنهن بينچ جو حصو آهي، اهو سپريم ڪورٽ آهي. عوامي مفاد جي معاملي ۾ سپريم ڪورٽ جو ڪو به جج پاڻ مرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿو. عرفان قادر چيو ته جيڪڏهن موجودهه بينچ جو فيصلو درست مڃيو وڃي ته پوءِ ماضي ۾ ججن جي ڪيل پاڻ مرادي نوٽيسن تحت ڪيل فيصلا واپس ورتا وڃن يا نظر ثاني ڪئي وڃي. آئين ۾ ائين ناهي لکيل ته صرف چيف جسٽس ئي سپريم ڪورٽ آهي. هن چيو ته ماضي ۾ پاڻ مرادي نوٽيسن جو غلط استعمال ٿيو آهي، جن ۾ جسٽس افتخار چوڌري ۽ جسٽس ثاقب نثار قابل ذڪر آهن.  هن چيو ته جسٽس عمر عطا بنديال کي هن بينچ ۾ هجڻ ئي نه گهرجي ها ڇو ته هو فيبروري ۾ چيف جسٽس ٿيندو.هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ اهو اثر ڏنو پيو وڃي ته جج آئين جي مٿڀرائپ لاءِ ڪم ڪن پيا ۽ هڪ صفحي تي آهن پر انهن جي عمل مان ظاهر ٿئي ٿو ته منجهن اختلاف موجود آهن. سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن جي اڳوڻي صدر رشيد اي رضوي چيو ته سپريم ڪورٽ پاڻ مرادي نوٽيس ڪيس کي تڪڙ ۾ اڪلايو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن 5 رڪني بينچ جو فيصلو درست مڃيو وڃي ته پوءِ چيف جسٽس جسٽس گلزار جو ڪراچي سرڪلر ريلوي تي  ورتل پاڻ مرادو نوٽيس به واپس ورتو وڃي، ڇاڪاڻ ته هو ان وقت چيف جسٽس نه هو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.