آئيني انساني حقن بابت هاڻ صرف فرد واحد فيصلو ڪندو :سينئر صحافي

لاهور(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ جنهن جي سربراهي قائم مقام چيف جسٽس عمر عطا بند يال ڪري رهيو هو، ان بئنچ آئيني  انساني حقن بابت صحافين جي داخل درخواست تي جيڪو فيصلو ڏنو آهي ان فيصلي بابت ملڪ جي سينيئر صحافين ويچار ونڊيندي چيو آهي ته اعليٰ عدالت جو فيصلو فرد واحد کي مڪمل بااختيار ڪرڻ ۽ اصل ۾ مستقبل جي چيف جسٽس پاڻ کي مڪمل بااختيار ڪرڻ جو فيصلو ڏنو آهي، ان ڪري هاڻ سپريم ڪورٽ جو ڪو ٻيو جج آئيني انساني حقن بابت نه نوٽيس وٺي سگهندو ۽ نه ئي  ڪيس ٻڌي سگهندو. سينيئر صحافي حسنات ملڪ جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جو ڪالهوڪو  فيصلو ڏکوئيندڙ ۽ مايوس ڪندڙ آهي، ڇو ته آئين ۾ لکيل آهي ته سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي سگهي ٿي اهو لکيل نه آهي ته اهو صرف چيف جسٽس جو صوابديد آهي ، سينيئر  صحافي ناصر  اقبال جو چوڻ آهي ته ملڪ جي شهرين کي آئيني انساني حقن بابت صرف هڪ ماڻهو جي حوالي ڪرڻ وارو فيصلو تاريخ جو حيران ۽ پريشان ڪندڙ فيصلو آهي، سينيئر صحافي مطيع الله جان جو چوڻ آهي ته دراصل مستقبل جي چيف جسٽس پاڻ کي مضبوط ۽ بااختيار ڪرڻ جو فيصلو ڏنو آهي ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته قائم مقام چيف جسٽس  کي ان بئنچ ۾ ويهڻ نه گهرجي ها ٻين ججن تي ويساهه ڪرڻ گهرجي ها، هاڻ شهرين کي عدالت بدران هڪ فرد واحد ڏانهن ڏسڻو ۽ سندس فيصلي جو انتظار ڪرڻو پوندو، اهو تاريخ جو انوکو عدالتي فيصلو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.