سنڌ جي آبپاشي کاتي سنڌ بئراج بابت واپڊا جا انگ اکر رد ڪري ڇڏيا

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي آبپاشي کاتي سنڌ بيراج جي حوالي سان واپڊا جي انگ اکرن کي بي بنياد قرار ڏئي ان کي رد ڪري ڇڏيو ۽  سنڌ بيراج لاءِ گهربل پاڻي جي حصي لاءِ سوال اٿاري ڇڏيو آهي. سنڌ بيراج جي سلسلي ۾ واپڊا جي ريٽائرڊ جي ايم سائوٿ نعيم احمد جي اڳواڻي ۾ لاهور مان آيل ٻن سپريٽنڊنٽ انجنيئرن سميت ٽن ميمبرن تي مشتمل وفد آبپاشي کاتي جي وفد سان چيف انجنيئر ڪوٽڙي بيراج جي آفيس ۾ گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ ڪوٽڙي بيراج جي چيف انجنيئر حاجي خان جمالي، چيف انجنيئر شفقت وڌو، سيڊا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پريتم داس شرڪت ڪئي،آبپاشي کاتي جي وفد جو چوڻ هو ته سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي جي هر 20 سالن بعد کوٽ جي ايوريج 16 ملين ايڪڙ فوٽ آهي، جڏهن ته واپڊا طرفان ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم تي پاڻي جي موجودگي جا اضافي انگ اکر ڏيکاريا ويا آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.