مڪاني چونڊن ۾ دير، اليڪشن ڪميشن پاران ڪميٽي قائم

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊن ۾ دير، بلدياتي چونڊن جي رٿڻ جون ذميداريون صوبائي حڪومتن کي ڏيڻ سميت  ٻين تجويزن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ خصوصي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن جو اجلاس گذريل ڏينهن چيف اليڪشن ڪمشنر آف پاڪستان سڪندر سلطان راجا جي سربراهيءَ ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي حڪومتن طرفان صوبن ۾ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن جي معاونت نه ڪرڻ ۽ اليڪشن کي التوا لاءِ مختلف مؤقف اختيار ڪرڻ جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن ان سلسلي ۾ اسپيشل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن جي سربراهيءَ ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.