اوٻاوڙي مان نوجوان اغوا، ٻه اڳ ئي ڌاڙيلن وٽ قيد

اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ)  اوٻاوڙو ۾ بدامني وڌي وئي اغوا جي وارداتن ۾ ڏينھون ڏينھن  اضافو ٿيڻ لڳو پوليس خاموش تماشائي بڻيل 20 ڏينھن اڳ اوٻاوڙو ٿاڻو جي ڳوٺ رحيم بوھڙ مان بوھڙ برادري سان تعلق  رکندڙ  چاچو ڀائٽي علي گل بوھڙ ۽ رخسار بوھڙ جي اغوا ٿي ويا ھئا جن جي وارثن کان ڌاڙيلن ھڪ ڪروڙو ڀنگ طلب ڪري ورتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ قتل جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي جنھن کان پوءِ ٻه ڏينھن اڳ   کنڀڙا ٿاڻي حد ڳوٺ رئيس مدد انڍڙ جو واسي 16 ورھين جو  نوجوان غلام مرتضي انڍڙ پراسرار نموني گم وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي ايس ايس پي گھوٽڪي عمر طفيل کان اپيل ڪندي چيو ته اسان جو نوجوان زمين تي فصل کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ويو ته واپس نه موٽيو آھي اسان کي شڪ آھي ته اسان جو نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.