ويوو جي نئين فونز جون تصويرون ۽ تفصيل ليڪ

ويوو 2021ع جي پهرين 3 ماهي دوران فليگ شپ ايڪس 60 سيريز جا فونز متعارف ڪرايا هئا ۽ هاڻ ان جا اپ ماڊلز پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

ويوو ايڪس 70 سيريز کي ڪمپني طرفان امڪاني طور تي سيپٽمبر متعارف ڪرايو ويندو.

ان سيريز ۾ گھٽ ۾ گھٽ 3 فونز ايڪس 70، ايڪس 70 پرو ۽ ايڪس 70 پرو پلس پيش ڪيا ويندا جن جي ڊزائين ۽ ٻيا تفصيل ليڪ ٿي سامهون آيا آهن.

ويوو ايڪس 70 ۾ 6.5 انچ جي فليٽ ڊسپلي فل ايڇ ڊي پلس سپورٽ سان گڏ هوندي جنهن جي سينٽر ۾ پنچ هول ڊزائين ۾ سيلفي ڪيمرا هوندي.

مختلف رپورٽن موجب ان فون ۾ ميڊيا ٽيڪ جو ڊيمينسٽي 1200 پراسيسر ۽ 12 جي بي تائين ريم ٿي سگھي ٿي ۽ ايڪسٽينڊ جي بي ريم جو فيچر به فون جو حصو هوندو.

اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم کي ڪمپني جي فن ٽچ او ايس سان ليس ڪيو ويو آهي.

اهڙيءِ طره ايڪس 70 پرو ۾ 6.5 انچ جي اموليڊ ڊسپلي هوندي جڏهن ته ايلومنيم فريم ڊوائس جو حصو هوندو.

فون جي بيڪ تي لوگو مان اشارو ملي ٿو ته بيڪ ڪيمرا سيٽ اپ زئيسز سپورٽ سان گڏ هوندو.

پرو ماڊل ۾ گيمبل جهڙو ۽ آءِ ايس سسٽم به فون جي ڪيمرا سيٽ اپ جو حصو هوندو.

 

واضح رهي ته ايڪس 60 سيريز جا فونز دنيا جا پهريان فونز هئا جن ۾ پڪسل شفٽ ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪيو ويو هو.

پڪسل شفٽ ٽيڪنالوجي مخصوص ڊي ايس ايل آر ڪيمرائن ۾ ته استعمال ٿي آهي پر ايڪس 60 سيريز کان اڳ ڪنهن سمارٽ فون جو حصو ناهي بڻي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.