”عمران خان ٽن سالن ۾ ملڪ کي ايڏو تباهه ڪيو جو بحالي ۾ ڏهاڪو لڳي ويندو“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عام ماڻهو عمران خان جي ڪارڪردگي کي چڱي ريت ڄاڻي ٿو، ٽن سالن ۾ پاڪستان ۾ رڳو مافيا کي فائدو ٿيو.

ٽن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان وزيراعظم جي تقرير تي ردعمل ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي اها آهي ته هن مهانگائي کي آسمان تي پهچائي هزارين پاڪستانين کان روزگار کسي ورتو، آمريڪي صدر جي هڪ فون ڪال لاءِ سِڪندڙ عمران خان ٽن سالن ۾ پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته عمران خان جون ڳالهيون وڏيون ۽ ڪارڪردگي ٻڙي آهي، عوام هاڻ ڏٽن ۾ نه ايندو، مان کان شروع ٿي مان تي ختم ٿيندڙ وزيراعظم کي ڪير ٻڌائي ته پاڪستان جي شروعات ۽ پڇاڙي عوام آهي.

سندس چوڻ هو ته عمران خان ٽن سالن ملڪ کي ايڏو تباهه ڪيو جو بحالي ۾ شايد هڪ ڏهاڪو لڳي وڃي، حڪومتي ڪارڪردگي سرڪاري آفيسر جي ڪوڙين رپورٽن سان نه عوام جي چهرن تي مُرڪ سان سامهون ايندي آهي، صلاحڪار حڪومتي ڪارڪردگي هنڌ هنڌ ڳولي رهيا آهن ۽ عوام کي دوربين ۾ به نظر نه پئي اچي.

بلاول ڀٽو زرداري موجب وزيراعظم کي پاڻ به خبر آ ته هو ملڪ تباهه ڪري چڪو آهي پر پنهنجي انا سبب اقتدار ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.