جهڏو : ڳوٺ پهلاج ڪولهي جي رهواسين پاران ڳوٺ جا گس بند ڪرڻ خلاف مظاهرو، ڌرڻو

جهڏو لڳ ڳوٺ پهلاج ڪولهي جي رهواسين پاران ڳوٺ جا گس بند ڪرڻ  خلاف معصوم ٻارڙن ۽ عورتن جهڏو باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي پاڪستان ڪولهي اتحاد جي اڳواڻن پهلاج ڪولهي، سيٺ لالچند ڪولهي، ڊاڪٽر پنهون ڪولهي، انجنيئر منوهر ڪولهي، عالم چند،  ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ مسڪين مظلوم ۽ غريب برادرين سان تعلق رکندڙ ماڻهو غير محفوظ آهن، هر روز سندن چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو وڃي ٿو، روز اغوا، ڦر، گهرن، زمينن، قبرستانن تي قبضا معمول بڻجي ويا آهن، جنهن جو مثال اسان جي ڳوٺ تي علائقي جي بااثر وڏيرن پاران ڳوٺاڻن کي لڏائڻ لاءِ مختلف سازشون ڪرڻ آهي،  هنن اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڳوٺ جا بند ڪيل رستا کولي کين تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.