آءِ فون 13 ڪڏهن رليز ٿيندي؟ ڄاڻ ليڪ

ماضي جي ايپل فليگ شپ سمارٽ فونز جي رليز جي تاريخن جي پيٽرن کي سمجهڻ ۽ نئين آءِ فون جي رليز جي تاريخ ڄاڻڻ لاءِ گھڻي ذهانت جي ضرورت نه آهي.

آءِ فون 4 ايس کان پوءِ تقريبن هر آءِ فون جو اعلان (سواءِ ايس اي ورجن جي) سيپٽمبر ۾ ئي ڪيو ويو پر گذريل سال آءِ فون 12 عالمي وبا سبب هڪ مهينو اڳتي ڪيو ويو.

چيني سائيٽ آءِ ٽي هوم دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ فون 13 ايندڙ مهيني رليز ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته رٽيلر پري آرڊر جي ڄاڻ جو اسڪرين شاٽ چيني سوشل ميڊيا سائيٽ ويبو تي پوسٽ ڪيو ويو.

جيئن ته ماضي ۾ ايپل جا ايوينٽس عام طور تي اڱاري ڏينهن ٿيندا هئا، ان مان اهو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته آءِ فون 13 جو رليز ايوينٽ 14 سيپٽمبر تي ٿيندو ۽ انهيءَ هفتي جي آخر ۾ پري آرڊر کلندو.

ڄاڻايل اسڪرين شاٽ جي لسٽنگ اهو واضح ڪري ٿي ته آءِ فون 12 سائيزن ۾ يعني ريگيولر، مني، پرو ۽ پرو ميڪس ۾ دستياب هوندي ۽ ان جو پري آرڊر 17 سيپٽمبر تي بڪ ٿيندو جنهن جي هڪ هفتي کان پوءِ جمعي 24 سيپٽمبر تي واهپيدارن کي فون ملي ويندو.

ڄاڻايل رٽيلر موجب ايئر پوڊ 3 ڪجهه ڏينهن جي دير کان پوءِ 30 سيپٽمبر تي رليز ٿيندو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.