ڪابل ايئرپورٽ تي هڪٻئي پٺيان 2 ڌماڪا، 13ڄڻا مارجي ويا

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل جي ايئرپورٽ ويجهو زوردار ڌماڪو ٻڌو ويو آهي.

آمريڪي دفاع واري کاتي پينٽاگون جي ترجمان جان ڪربي به ڌماڪي جي تصديق ڪئي آهي.

ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ جان ڪربي چيو آهي ته ڪابل ايئرپورٽ جي ٻاهران ”ايبي گيٽ“تي ڌماڪو ٿيو آهي جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن.

ٻئي پاسي برطانوي ميڊيا هڪ آمريڪي اهلڪار جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته اهو ڌماڪو خودڪش هو. ڌماڪي سبب 11 ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. مارجي ويلن ۾ ٻارڙا ۽ عورتون به شامل آهن ۽ طالبان محافظ به زخمي ٿيا آهن.

برطانوي خابرو اداري اها به دعويٰ ڪئي آهي ته ڌماڪي سبب 3 آمريڪي فوجي به زخمي ٿيا آهن.

واضح رهي ته اهو واقعو اهڙي وقت پيش آيو آهي جڏهن ڪابل جي حامد ڪرزئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي هزارين افغان شهري ملڪ مان فرار ٿيڻ جي لاءِ گڏ آهن.

ايئرپورٽ تي آمريڪي ۽ برطانوي فوج جو به وڏو انگ موجود آهي جيڪي پنهنجي شهرين ۽ عملي جي باحفاظت نيڪالي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.

ايئرپورٽ جي ٻاهران سيڪيورٽي انتظام طالبان پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪري ورتا آهن.

هوڏانهن ترڪي جي دفاعي کاتي اها دعويٰ ڪئي آهي ته ڪابل ايئرپورٽ جي ٻاهران 2 ڌماڪا ٻڌا ويا آهن.

اختيارين جو چوڻ آهي ته ايئرپورٽ تي موجود ترڪي جي فوجين کي ڪو به نقصان ناهي ٿيو.

واضح رهي ته اڄ ئي آمريڪا، برطانيا ۽ آسٽريليا پنهنجي شهرين کي ڪابل ايئرپورٽ ڏانهن وڃڻ کان روڪيو هو.

ٽنهي ملڪن طرفان جاري ڪيل ايڊوائيزري ۾ چيو ويو هو ته دهشتگرد حملي جو خدشو آهي تنهنڪري شهري ڪابل ايئرپورٽ کان پري رهن.

برطانوي اختيارين طرفان پنهنجي شهرين کي خبردار ڪندي چيو ويو هو ته جيڪي شهري ڪابل ايئرپورٽ جي علائقي ۾ آهن اهي اتان نڪري ڪنهن محفوظ جاءِ ڏانهن هليا وڃن، برطانوي شهري ڪنهن ٻئي ذريعي وسيلي افغانستان مان نڪري سگهن ٿا ته فوري طور تي نڪري وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.