رينجرز جي وڪيل گم ٿيلن بابت وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيلن کي 11 سيپٽمبر تائين آزاد ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس صلاح الدين پنهور  1200 گم ٿيلن جي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، جتي رينجرز جو وڪيل عدالت ۽ گم ٿيلن جا وارث پيش ٿيا.

جسٽس صلاح الدين پنهور رينجرز جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته گم ٿيلن کي ڪير واپس آڻيندو؟ جنهن تي رينجرز جي وڪيل چيو ته 1200 گم ٿيلن مان رڳو 300 بچيا آهن، ڪجهه جو پتو لڳايو ويو آهي، گم ٿيلن جا ڪيترائي فورم بي وس آهن.

عدالت چيو ته حقيقت ۾ اهي ماڻهو بي وس ناهن، ڪم ڪرڻ نٿا چاهين، سنجيده نه آهن.

رينجرز جي وڪيل چيو ته گم ٿيلن مان ڪيترائي ماڻهو لنڊن، سريلنڪا ۽ ڏکڻ آفريقه مان به مليا آهن.

جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته پرڏيهه ويندڙ گھر ڀاتين سان ته رابطو ڪندا هوندا، ڇا ادارا انهن رابطن جي به جاچ نٿا ڪري سگهن؟

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته گھٽ ۾ گھٽ اهو ٻڌايو ته ماڻهو پاڻ هليو ويو آهي.

ان کانپوءِ عدالت 11 سيپٽمبر تائين گم ٿيلن کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.