اتر اتحاد جو طالبان سان ٺاهه، ڳالهيون ڪامياب

 

ڪابل(ويب ڊيسڪ) ڪابل تي قبضي کانپوءِ افغانستان ۾ طالبان حڪومت قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن.

طالبان جي قبضي وقت افغان صدر اشرف غني ملڪ ڇڏي فرار ٿي چڪو هو جڏهن ته مٿس قومي ناڻي مان رقم چورائڻ جون به خبرون آيون هيون.

طالبان قبضي ڪرڻ کانپوءِ دنيا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي ان سان گڏ طالبان عورتن کي به حڪومت ۾ حصو وٺڻ جي آڇ ڪئي هئي، ان سان گڏ طالبان گذريل ڏينهن عورتن جي پردي ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت به اهم بيان ڏنو هو، جنهن ۾ ترجمان طالبان جو چوڻ هو ته عورتن جي مرضي آهي اهي پنهنجو چهرو ڍڪين يا نه ڍڪين.

طالبان جي قبضي کانپوءِ ڪجهه جاين تي انهن جي مخالفت به ڏٺي وئي هئي، مختلف جاين تي احتجاجي مظاهرا ڏسڻ ۾ آيا هئا پر تنهن باوجود به ڪنهن به جڳهه تان طالبان جي مضبوط مزاحمت جون خبرون نه آيون هيون.

طالبان جي قبضي کانپوءِ افغان صدر صوبي پنجشير ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي ۽ اڳوڻي جهادي ڪمانڊر احمد شاهه مسعود جي پُٽ احمد مسعود سان ملاقات ڪئي هئي.

احمد مسعود طرفان طالبان سان مزاحمت جون خبرون ميڊيا ۾ شروعاتي دور ۾ اچي چڪيون هيون،تنهن هوندي به انهن خبرن جي ترديد يا تصديق نه ڪئي وئي.

ٿوري ئي عرصي کانپوءِ احمد مسعود صوبي پنجشير ۾ طالبان طرفان قبضي صورت ۾ انهن خلاف مزاحمت جو اعلان ڪيو هو ۽ آمريڪا کان هٿيارن جي مدد گهري هئي.

گذريل ڏينهن احمد مسعود طالبان سان ڳالهين جي حمايت ڪندي اهو به اعلان ڪيو هو ته جيڪڏهن طالبان پنجشير ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته مزاحمت ڪبي هن اهو به اعلان ڪيو هو ته جنگ اڻٽر آهي، هو طالبان اڳيان جهڪڻ کان مرڻ پسند ڪندو.

ان حوالي سان صوبي پروان ۾ قومي مزاحمتي محاذ (اتر اتحاد) به طالبان خلاف مزاحمت لاءِ تيار هئا تنهن باوجود به ڳالهين جو در ڪنهن به طالبان مخالف طرفان بند نه ڪيو ويو هو.

افغان ميڊيا اڳوڻي پارليامينٽ ميمبر عبدالحفيظ جي حوالي سان چيو آهي ته صوبي پروان جي علائقي چاريڪر ۾ قومي مزاحمتي محاذ (اتر اتحاد) جي وفد طالبان وفد سان ملاقات ڪئي آهي.

عبدالحفيظ منصور ٻڌايو ته ڳالهين دوران ماحول تمام بهتر هو ۽ ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي حملن کان پاسو ۽ امن جي قيام لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ تي اتحاد ڪيو.

اهڙي عمل سبب طالبان خلاف مزاحمت جي هڪ ڪڙي اتر اتحاد ٽُٽي چڪي آهي ۽ هو صوبي پروان ۾ به مليل جليل يا پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.

تنهن هوندي به صوبي پنجشير جي احمد مسعود ۾ افغان عوام جي آخري اميد آهي ته هو طالبان خلاف مزاحمت ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.