ن ليگ جو تحريڪ انصاف تي وڏو الزام

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف حڪومت جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان اسلام آباد ۾ تقريب جاري آهي ۽ وزيراعظم عمران خان ٽن سالن جي ڪارڪردگي تي قوم سان خطاب ڪندو.

تحريڪ انصاف حڪومت 25 جولاءِ 2018 تي عام چونڊن جي نتيجي ۾ قائم ٿي هئي، جڏهن ته عمران خان 18 آگسٽ 2018 تي وزيراعظم جي عهدي جو حلف کنيو هو.

هوڏانهن ن ليگ حڪومت تي ٽن سالن جي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ ڀارتي ويب سائيٽ جون تصويرون استعمال ڪرڻ جو الزام هڻي ڇڏيو.

ن ليگ طرفان سوشل ميڊيا تي ”جعلسازي جا ٽي سال“ جو هيش ٽيڪ استعمال ڪيو پيو وڃي.

ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب موجب ڪروڙين رپين جا منصوبا ڀارتي پورٽل جي چوري ٿيل تصويرن تي ٻڌل آهن، جيڪڏهن ڪو نئون منصوبو، عوام کي رليف ڏنو ويو هجي ها ته ان جي تصوير ۽ ثبوت به هجن ها.

هن چيو ته حڪومت جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي رڳو مهانگائي، بيروزگاري، غربت، پارليامينٽ کي تالا، اپوزيشن جون گرفتاريون ۽ اظهار جي آزادي جو قتل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.