پورهيت جا قاتل گرفتار ڪيو، عمرڪوٽ ۾احتجاج

عمرڪوٽ(رپورٽ:غلام مصطفي مھر ) عمرڪوٽ جي مقتول شرافت راجپوت جو قاتل گرفتار نه ٿيو، وارثن ۽ سماجي ڌرين جي ريلي، احتجاجي  مظاھرو، ڌرڻو، ٽريفڪ معطل، پ پ ايم اين اي نوٽيس ورتو، مقتول جي وارثن سان رابطو پوليس کي جلد گرفتار ڪرڻ جي ھدايت. خبر موجب  عمرڪوٽ شھر جي چانھيا پاڙو ۾ 20 مھينا اڳ ۾ گوليون ھلائي ڏينھن ڏٺي جو قتل ڪيل پورھيت شرافت راجپوت جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جا وارثن ۽ سماجي اڳواڻن طرفان موتي چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو . ڌرڻي سبب مختلف شھرن ڏانھن ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي احتجاج دوران مقتول شرافت راجپوت جي والد لياقت راجپوت سان گڏ ھمدردي طور تي سياسي سماجي ڌرين ۽ شھرين پي ٽي آء اڳواڻ ليکراج مالهي، ڪامريڊ ميهار بنگلاڻي، سماجي اڳواڻ ميرحسن آريسر، حاجي ساند، دلبر ڀيو، ناھيد حسين خٽڪ، گل بجير، خوشحال پريمي، نرمل ميگهواڙ، شوڪت اڌيپوري، رانجهن ڀيل، سومار قادري بجير ۽ ٻين شريڪ ٿي شرافت جي قاتل جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي گُھر ڪئي ان موقعي تي مقتول جي والد لياقت راجپوت ۽ ڀاءُ عدنان راجپوت دانھيندي چيو ته شرافت کي ڏينھن ڏٺي جو جوابدار رفيق ملاح گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو جنھن واقعي کي 20 مھينا ٿي ويا آھن پر قاتل جوابدار جي گرفتاري لاء اڃا تائين پوليس ڪي به قدم نه کنيا آھن رڳو اسان کي دلاسا ڏنا پيا وڃن پر پوليس جوابدار جي گرفتاري لاء اڃا تائين ڪوبه ڪردار ادا ناھي ڪيو جيڪا افسوس جھڙي ڳالھ آھي ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيسيتائين شرافت راجپوت جي قاتل کي گرفتار نه ڪيو ويندو احتجاجي تحريڪ جاري رکي ويندي ٻي طرف پ پ ايم اين اي نواب محمد يوسف ٽالپر شرافت مامري جو نوٽيس وٺندي مقتول جي وارثن سان رابطو ڪري ھمدردي جو اظھار ڪيو ۽ قاتل کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جي ھدايت ڪئي پ پ ايم اين اي نواب محمد يوسف ٽالپر چيو ته واقعي ته انتھائي گھڻو ڏک رسيو آھي منھنجي اوھان سان پوري ھمدردي آھي پوليس قاتل جوابدار کي فوري طور تي گرفتار ڪري انھي خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.