نئون آباد ۾ عطائي ڊاڪٽر مريضن کي ڦرڻ لڳا

نئون آباد (ن ع آ) نئون آباد شهر ۾ عطائي ڊاڪٽرن جو آزار برقرار, عطائي ڊاڪٽرن جون25 کان وڌيڪ غيرقانوني ڪلينڪون قائم مريضن  تي  بار بار استمال ٿيل انجيڪشن جو استمال ڪرڻ لڳا نئون آباد جي عطائي ڊاڪٽرن  ڌيرا ڄمائي ڇڏيا سانگهڙ ضلعي جي صحت کاتي جا آفيسر اڳهور ننڊ ستل آهي. نئون آباد واسين مطالبو ڪيو تي نئون آباد ۾ عوام لاء ڪاسائي بڻيل عطائي ڊاڪٽر کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيا  ٻھراڙي جي غريب ۽ اٻوجھ ماڻھن تي استعمال ڪري نہ صرف انھن کان پئسي جي ڦرلٽ ڪن ٿا بلڪہ انھن جي زندگين سان پڻ کيڏين ٿا ساڄاڻ ڌريون  اڳتي اچن  جيئن اھڙن رھزنن جي رستا روڪ ڪري سگھجي هي غير معياري جعلي دائون هلندڙ منشيات کان  تمام خطرناڪ آهي ان  جي استمال سان  انساني  جانيون ضايع ٿي رهيون آهن  اهو ٻڌايو پيو وڃي ته سانگهڙ ۾ مقرر ڊگ انسپيڪٽر ڪڏنهن به چيڪنگ لاء نه آيو آهي جيڪو منٿلي عيوض ڪابه ڪاروائي لاء تيار نه آهي ٻئي طرف ڪيترن ئي ميڊيڪل اسٽور جا لائسن به نه آهن آخر انهن کان پڇاڻو ڪندو ڪير , سانگهڙ ضلعي جي صحت کاتي جا آفيسر اڳهور ننڊ ستل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.