سکر ۾ پوليس ڪارروائي، چرس هٿ، جوابدار گرفتار

سکر(رپورٽر) سکر جي نئين پنڊ ٿاڻي جي پوليس گشت دوران شاھ فيصل ڪالوني واري علائقي ۾ ڪاروائي ڪندي فيصلو ڪالوني  جي رهواسي کي گرفتار ڪري 200 گرام چرس، 50 گرام  آئس نشو هٿ ڪرڻ بعد جوابدار خادم حسين کوسو ولد حاڪم کوسو کي گرفتار ڪري منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي.

خيرپور جي عدالت پاران زال کي خرچ نه ڏيندڙ پنجاب واسي جا وارنٽ جاري

خيرپور (ڊر) خيرپور جي فيملي جج سيد نياز علي شاهه بخاري جي عدالت مسمات شگفته ڌيءَ سيد عبدالعزيز شاهه کي خرچ نه  ڏيندڙ سندس مڙس پنجاب جي علائقي بهاولپور جي رهواسي سيد خالد محمود ولد سيد محمد انور شاهه جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرائيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.