خيرپور ۾ پگهارون نه ملڻ تي صفائي عملي جو انچارج تي حملو، رتو رت

خيرپور(ڊر) خيرپورجي محلي گودو شاپ جي وارڊ نمبر 16 جو انچارج ثاقب مسيح ڊيليويجيز تي ڪم ڪندڙ ڀنڱين صفائي عملي جي ملازمن  رحمو، جمال ۽ ٻين پاران پگهارون نه ڏيڻ تي مڇرجي ڏنڊن ، لتن ، مڪن جو وسڪارو لاهي ڏنو جنهن سبب وارڊ انچارج مقدم ٿاقب مسيح رتورت ٿي بيهوش ٿي ويو جنهن کي زخمي حالت ۾سول اسپتال خيرپور جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صفائي عملي جي ملازمن چوڻ آهي ته اسان کي گذريل ٽن مهينن کان پگهارو نه پيون ڏنيون وڃن ۽ اسان جا ٻچا گهر ۾ بکون ڪاٽي رهيا آهن جنهن ڪري اسان مجبور ٿي ڪري اهڙو قدم کنيو آهي. ٻئي طرف زخمي مقدم ثاقب مسيح رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کي مٿان ڪچن ملازمن جو پگهارون نه مليون آهن جيئن ئي پگهارون مليون ته اسان هنن کي پگهارون ڏنيون آهن ان جي باوجود هنن مون غريب مٿان حملو ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي منهنجي حالت خراب آهي ان ڪري حملو ڪندڙ خلاف سخت قدم کنيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.