پاڻي نه مليو ته سنڌي روڊن تي ايندا:منظور وساڻ

ٽنڊو حيدر (ن ع آ) پيپلز پارٽي سنڌ جي اڳواڻ وزير اعلي سنڌ جي مشير برائي زراعت نواب منظور وساڻ چيو ته پاڪستان هن وقت سنگين حالات  مان گذري رهيو آھي ملڪ جي سليڪٽيڊ وزير اعظم عمران خان ملڪ کي تباه ڪري ڇڏيو آھي ان ماڻھن سان اقرار ڪيو ته هڪ لک نوڪرين سميت پنجاھ هزار گهر عوام وقف ڪندس عوام  سان ڪيل وچن وفا نه ٿيا. ان وڌيڪ چيو ته هاڻي عوام يوٽرن خان کان پريشان آھي ۽ هاڻي پ پ پ جي دور کي ياد ڪري رهيو آھي جنهن ۾ عوام کي نوڪريون ڏنيون ويون مسڪينن کي روزگار فرهام ڪري غربت جو خاتمو ڪيو ويو ۔ ان دوران مهانگائي تي ڪنٽرول هو پر يوٽرن خان جي حڪومت ۾ مهانگائي بيروزگاري غربت ۾ اضافو ٿيو ان چيو ته ۔ پاڻي جي معاملي تي سنڌ جا ماڻھون وفاڪي سرڪار جي بدمعاشي کي ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪندا سنڌ جي رهواسين لاء انهن جي حصي جو پاڻي حق مطابق نه ڏنو ويو ته سنڌ جا ماڻھون پنهنجي جائز حقن لاء روڊ رستن تي نڪري پوندا. ان چيو ته زراعت جي کاتن ۾ بهتري لاء ڪوششون جاري آھن ۔ جڏنهن ته اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان پيپلز پارٽي حيدرآباد جي انفارميشن سيڪريٽري اسمائيل وساڻ جي والده وفات ٿيڻ تي ان جي رهائش گاه ڳوٺ ننگر وساڻ  ۾ ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.