خيرپور عدالت پاران روبينا اڄڻ ڪيس جي جوابدارن جي ضمانت رد

خيرپور (س ر )  ٽي مهينا اڳ ڪوٽڏجي ٿاڻي جي حد درگاھ پير ڪٽڪبال تان اغوا بعد قتل ڪيل کهڙا واسڻ نوجوان ڇوڪري شهيد روبينہ اڄڻ  جي قتل ۾ ملوث مسمات شهزادي پاران خيرپور جي عدالت ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي وئي، جيڪا درخواست سيشن جج ڪرمنل ماڊل ڪورٽ جي عدالت ڏانهن منتقل ڪئي، جتي ماڊل ڪورٽ جي جج محمد اسلام الحق آرائين درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ درخواست گذار طرفان وڪيل شعيب نياز خاصخيلي ۽ فريادي ڌر طرفان وڪيل محمد طارق مهيسر پيش ٿيا، فريادي ڌر جي وڪيل ايڊووڪيٽ محمد طارق مهيسر عدالت کي ٻڌايو ته نوجوان نياڻي جي بيگناهه اغوا بعد قتل ۾ درخواست گذار شامل آهي ۽ هن جي منصوبه بندي سان معصوم نياڻي پهريان اغوا ٿي ۽ پوءِ قتل ڪئي وئي، عدالت فريادي ڌر جي تفصيلي دليلن کانپوءِ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.