خيرپور ۾ آبادگارن جو واٽر مئنيجمينٽ انتطاميا خلاف احتجاج

خيرپور ( ڊ ر ) خيرپور جي شادي شهيد ديهه جي آبادگارن واٽرمينيجمنٽ جي آفيسرن خلاف احتجاج ڪيو جنهن جي اڳواڻي فيصل ميمڻ،عبدا لسميح، عبدالقادر ڪٽوهر، علي محمد منڳڻهار ۽ ٻين چيو ته اسان واٽر مينيجمنٽ جي ڊسٽرڪٽ آفيسر الطاف ڦلپوٽو کي ڪيترائي ڀيرا واٽر ڪورس پڪو ڪرڻ جي لاءِ درخواستون ڏنيون آهن ان جي باوجود واٽر ڪورس پڪو نه ٿو ڪيو وڃي جنهن ڪري اسان مجبور ٿي احتجاج ڪري رهيا آهيون هنن چيو ته واٽر ڪورس پڪو نه هجڻ جي ڪري اسان جا فصل سڙي رهيا آهن ۽ اسان کي لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي هنن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد واٽر ڪورس پڪو ڪيو وڃي ته جيئن اسان پنهنجي فصلن کي پاڻي ڏئي سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.