افغانستان ۾ طالبان جي تڪڙي اڳڀرائي ڪهڙي راند جي ڪڙي آهي؟

تحرير: گل مورو

ماضي جي افغاني حڪمرانن جيان اشرف غني به اهڙي طرح اوچتو اقتدار ڇڏي وڃي پرڏيهه وسايو جهڙي طرح افغانستان جي پهرين امير دوست محمد پنهنجي جان بچائي برطانيا ۾ وڃي پناهه ورتي هئي. افغانستان جي سياسي ۽ جنگي صورتحال ڏٺي وڃي ته هر دور ۾ سواءِ شهيد نجيب جي ٻئي ڪنهن به حڪمران پنهنجي عوام جي حقن لاءِ جان نه ڏني نه وري انهن ڪڏهن اهو سوچيو ته وطن جي مٽي انهن ماڻهن کي مان ڏيندي آهي جيڪي پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي پنهنجي قومي ورثي کي بچائڻ جو ڪردار ادا ڪندا آهن. افغانستان هميشه کان وٺي جنگين ۽ سياسي افراتفري جو ڳڙهه رهيو آهي.

هي طالبان ته 20 سال اڳ جي پيداوار آهن جن عالمي سامراج جي چوڻ تي سوويت يونين جي حمايت سان افغانستان ۾ ثور انقلاب يعني پورهيت انقلاب آڻيندڙ نورمحمد تاراڪي جي حمايت سان شهيد نجيب ڪوشش ڪئي ته کيس عالمي سامراج هٽائڻ ۾ ۽ کيس تمام گهڻي تذليل سان اذيت ڏئي ڪري شهيد ڪري هنن ئي طالبانن هٿان سندس مڙهه ڪابل جي چوڪ تي توف ۾ ٽنگيو ويو هو. ان وقت به ترقي پسند ڌرين سخت احتجاج ڪيو هو ته افغانستان ۾ هي جيڪو به ڪجهه ٿئي پيو هي عالمي سامراج جي راند جو حصو آهي ۽ ان ۾ ڏٺو وڃي ته سواءِ سوويت يونين جي سموريون ڌريون ملوث هيون ۽ طالبانن جي وڏي پئماني سان پرورش ٿيندي رهي اها ڪنهن ڪئي ۽ ناڻو ڪنهن ڪنهن ورتو اهو هڪ تاريخ جو انوکو باب آهي جنهن جي هر ڪنهن ماڻهوءَ کي به خبر آهي .

جڏهن ڪجهه مهينا اڳ آمريڪي صدر ٽرمپ افغانستان مان پنهنجون فوجيون ڪڍڻ جون اعلان ڪيو هو ته ان وقت کان ئي اهي انومان ۽ خدشا ظاهر ٿي رهيا هئا ته عالمي سامراج هن خطي اندر ڪا نئين راند کيڏڻ چاهي پيو ۽ ائين ئي ٿيو جو صدر ٽرمپ جي وڃڻ کانپوءِ جڏهن بائيڊن اقتدار ۾ آيو ته ان افغانستان مان جون جي بجاءِ 11 سيپٽمبر تائين فوجون ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان اعلان سان گڏ اهو به ڄاڻايو ويو ته هاڻ افغانستان اندر سندس تربيت يافته 3 لک کان وڌيڪ فوج سندن مفادن جي رکوالي ڪندي. اڃا ان ۾ 15 کان 20 ڏينهن هيا ته اڳ ئي طالبان تڪڙيون تڪڙيون ڪارروايون ڪندا اچي مزار شريف، ڪنڌار کان ٿيندا ڪابل تي ڪڙڪيا. جڏهن ته ان کان اڳي ٽرمپ واري ئي عرصي ۾ طالبان ۽ اشرف غني سرڪار وچ ۾ ڳالهيون ڪرائيندا. قطر جي دارالحڪومت دوحا ۾ اسٽيج سجائي وئي هئي ۽ انهيءَ لاءِ پاڪستان اندر جيڪي طالبان اڳواڻ ملا برادران کان وٺي مُلا يعقوب تائين جيلن ۾ بند هيا انهن کي اُتي کڻي پهچائڻ لاءِ پاڪستاني اختيارين مٿان ذميواري رکي وئي هئي ۽ آمريڪا جي هٿرادو لوڙهي نما جيل گوانٽاناموبي ۾ واڙيل طالبان کي اتي آڻڻ لاءِ اهي سمورا انتظام آمريڪا ۽ ان جي اتحادين ڪيا هئا ۽ اهي سموريون ڳالهيون ان وقت جيڪا ايڊوائيزري ڪائونسل جوڙي وئي هئي ان جو سربراهه عبدالله عبدالله کي مقرر ڪيو ويو هو جنهن جي اڳواڻي ۾ اهي ڳالهيون ٿيڻيون هيون.

اهي ڳالهيون هڪ طرف هلي رهيون هيون ته ٻئي طرف وري آمريڪي ۽ ان جي اتحادي فوج افغانستان مان نڪري رهي هئي ۽ ٽئين طرف وري افغانستان اندر تيزي سان طالبانن جون ڪارروايون فتح جي روپ ۾ ملائڪن جيان جاري هيون ۽ سمورو کيل ۽ تماشو دنيا ڏسندي رهي ۽ هن وقت صورتحال ان هنڌ تي پهتي آهي جو ڪابل ۾ طالبانن جي حڪونت جڙڻ لڳي آهي. جڏهن ته ڪجهه افغاني سرڪار جا ماڻهو جن ۾ يونس قانوني، خالد نيور، افغان اسيمبلي جي اسپيڪر مير رحماني ۽ ٻيا افغاني اڳواڻ پاڪستان پهچي چڪا .

هن وقت افغانستان اندر خوف واري صورتحال نظر اچي پئي 4 هزار کان وڌيڪ ڏيهي توڙي پرڏيهي صحافين جون زندگيون پڻ داءُ تي لڳل آهن جڏهن ته ڪيترن ئي يونيورسٽين، ڪاليجن، اسڪولن ۾ پڙهندڙ نياڻيون پڻ سخت پريشان آهن. انتهائي خطرناڪ بڻجي چڪي آهي جو افغان جا رهائشي ماڻهو ٻين جهازن ۾ زبردستي چڙهڻ لاءِ چڙهي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ جتن ڪري رهيا آهن جن مٿان ڪجهه ملڪن گوليون پڻ وسايون آهن ۽ پاڪستان به افغانستان اندر پنهنجو آپريشن وارو عمل روڪي ڇڏيو آهي.

اهڙي صورتحال ۾ دوحا اندر ڳالهيون ڪرائڻ لاءِ آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر اسٽيج تيار ڪرائي ڇڏي آهي جنهن جي لاءِ اڳواٽ ئي ٽي رڪني افغان ڪائونسل حامد ڪرزئي، گلبدين حڪمتيار ۽ عبدالله عبدالله تي مشتمل جڙي چڪي آهي. هن وقت تائين ڪابل جي صدارتي ڪرسي خالي پيل آهي اڃا تائين ان جو ڪو والي وارث ظاهر ناهي ٿي سگهيو. جڏهن ته عالمي قوتن افغانستان جي عبوري سيٽ اپ لاءِ علي احمد جلالي جو نالو ظاهر ڪيو ويو هو پر ان کي به طالبان رد ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته طالبان ڳالهين ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي چڪو آهي پر صورتحال اها آهي ته طالبان اندر به کوڙ سارا لشڪر آهن جيڪي قبيلائي لشڪر بڻجي پنهنجي پنهنجي حڪمراني قائم ڪرڻ چاهين ٿا ۽ ماضيءَ جيان ڪوڙا هڻڻ، ماڻهن جي تذليل ڪرڻ ۽ ان سان گڏ مختلف سزائون ڏيڻ ۽ برقعا پائڻ سان گڏ عورتن تي بندشن جا به خطرا ظاهر ٿي رهيا آهن جنهن جي ڪري افغانستان جي صورتحال انتهائي خطرناڪ نظر اچي پئي. جڏهن ته هن وقت تائين آمريڪا صرف اهو چئي چڪو آهي ته جيڪڏهن ڪابل ۾ سندس ماڻهن سان ڪا هٿ چراند ٿي ته ان جو نتيجو انتهائي سخت نڪرندو. هن سڄي صورتحال ۾ وري به اها ڳالهه خوف ۽ خطرو نظر اچي پيو ته آخر افغانستان جو مستقبل اڳتي هلي ڪهڙو بيهندو ۽ هن خطي اندر ان جا اثرات ڪهڙا پوندا ڇو ته هاڻي کان ئي پاڪستان اندر مذهبي شدت پسند ڌرين جن ۾ مولانا فضل الرحمان، سراج الحق ۽ حميد گل جي سموري لڏي طالبان جي اچڻ تي جشن ملهائڻ شروع ڪري ڏنو آهي ۽ پاڪستان جي ڪجهه شهرن جن ۾ ڪراچي، ڪوئٽا، پختون خواهه ۽ پنڊي ۾ طالبان جا جهنڊا پڻ ڦڙڪندي ڏيکاريا ويا آهن. ان صورتحال مان اهو واضح ٿئي ٿو ته افغانستان جي صورتحال انتهائي ڇڪتاڻ واري آهي ڏسجي ته دوحا جي دفتر مان ڪابل جي ڪرسيءَ لاءِ ڪهڙو ڪنڌاري پيدا ٿئي ٿو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.