نياڻين لاءِ آءِ ٽي شعبي ۾ رٿا آڻيون پيا: تنزيلا قمبراڻي

ڪراچي(رپورٽر) انفارميشن ٽيڪنالاجي کاتي بابت وڏي وزير جي خاص مددگار تنزيلا امه حبيبه چيو آهي ته پاڪستان سميت پوري دنيا ۾  ميڊيا جي خاص اهميت آهي، وفاق پاران ميڊيا اٿارٽي قائم ڪري ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ غلط عمل هوندو، ڪنهن جو به آواز دٻائي نه ٿو سگهجي، پ پ ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ان لاءِ پ پ تازو سنڌ اسيمبلي مان ميڊيا جي تحفظ جو بل پاس ڪيو آهي، اهڙو اظهار هن ڪالهه پنهنجي آفيس ۾ عوامي آواز ميڊيا گروپ کي انٽرويو ڏيندي ڪيو، خاص مدد گار تنزيله امه حبيبه وڌيڪ چيو ته سنڌ جي نياڻين ۽ نوجوانن سميت پوري ملڪ جي  آءِ ٽي ۾ هوشيار شاگردن لاءِ نئين منصوبي تي ڪم ڪيان پئي جنهن تحت انهن کي آءِ ٽي کاتي طرفان پراجيڪٽ ڏنا ويندا،  انهن ذريعي هو وڌيڪ ناڻو ڪمائڻ سان گڏ ملڪ جو نالو روشن ڪندا، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌي نياڻيون رڳو ڊاڪٽر نه پر اهي آءِ ٽي سميت هر ميدان ۾ پاڻ مڃائڻ جي اهليت رکن ٿيون، انهن کي موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ جو  آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ ان حوالي سان ڪم ڪري پيو، مقامي عورتن جي  رلي، سميت هٿ جي هنر کي به آءِ ٽي ذريعي دنيا سان ملائي سندن ڪم کي اجاڳر ڪيو ويندو، ان لاءِ ننڍا ننڍا ڪورس به ڪرايا ويندا، هن چيو ته سنڌ سيف سٽي ۾ مک ڪم گهرو کاتي جو آهي، ڪئمرائون لڳائڻ واري ڪم ۾ آءِ ٽي کاتو سهڪار ڪري پيو، اهو پراجيڪٽ ختم نه ٿيوآهي، ان تي ڪم ٿئي پيو، هڪ سوال جي جواب ۾ تنزيله چيو ته مذهبي عبادتگاهن تي ڪئمرائون لڳائڻ واري ڪم تي ڪجهه مذهبي ڌرين جا خدشا آهن، انهن جي حل لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوششون ڪيون پيا، جلد مذهبي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري گهرجون ضرور پوريون ڪنداسين ۽ ان بعد عبادتگاهن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪئمرائون لڳايون وينديون، هن چيو ته هو گراس ليول کان اڳتي آئي آهي، ڪائونسلر کان سفر شروع ڪندي ايم پي اي ۽ هاڻي خاص مددگار جي عهدي تي پهتي آهيان، مستقبل جي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ تجربن ۽ ڪاميابين کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪنديس،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.