سوئي سدرن گئس ڪمپني مان برطرفين خلاف سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو شروع

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) سوئي سدرن گيس ڪمپني  جي ملازمن پنهنجي برطرفين جي خلاف گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين ايم ڊي ۽ انتظاميه خلاف سخت نعريبازي،  مظاهرين جي اڳواڻ ذوالفقار قادري، فياض شاهه، اعجاز بلوچ ۽ ٻين چيو ته سئي سدرن گئس ڪمپني سنڌ ۽ بلوچستان جي 16 هزار کان وڌيڪ ملازمن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ ڪيترائي ملازم ۽ انهن جا معصوم ٻچا فاقا ڪشي تي مجبور ٿي ويندا عدالت کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، هنن چيو ته سئي گئس جو جيڪو موجوده ايم ڊي آهي اهو تعصب پرست ۽ ملازم دشمن آهي اهو ئي سبب آهي جو سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٻئي ڪنهن به اداري نوٽيس جاري نه ڪيو پر رڳو سئي گئس جي ايم ڊي نوٽيس جاري ڪري ٻه هزار کان وڌيڪ ملازمن کي فارغ ڪيو ويو آهي، ڪنڌڪوٽ ۾سئي سدرن گئس ملازمن ملڪ اعجاز محمود،محبوب دايو،نياز احمد،شير محمد باجڪاڻي احتجاج ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ پاران سئي سدرن گئس ڪمپني جي ملازمن کي برطرف ڪرڻ واري فيصلو ڪري اسان کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي هنن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ دشمني ڪري ڪورٽن ۾ سنڌي ملازمن کي برطرف ڪرائي رهي آهي ، سکر ۾  سئي سدرن گئس ڪمپني ايمپلائيز يونين سکر ريجن پاران سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪرڻ خلاف وڏي تعداد ۾ ماڻهن پاران سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين نوڪرين مان برطرفي خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ خادم حسين شيخ، لالا سيف الرحمان، سجاد شاهه ۽ ٻين چيو ته پيپلز پارٽي جي دور ۾ سئي گئس جي جبري برطرف ڪيل ملازمن کي قانون تحت بحال ڪيو ويو هو، موجوده سپريم ڪورٽ ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي نوڪرين تي بحال ڪيو وڃي، هوڏانهن ميرپوربٺورو ۾ سوئي سدرن گئس ڪمپني جي برطرف ڪيل ملازمن غلام مصطفيٰ ڪڇي، حاجي موسا کٽي ۽ بشير سمون جي اڳواڻي ۾ سوئي گئس آفيس جي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، پني عاقل گئس آفيس ۾ سئي گئس جي 45 ملازمن برطرفي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري وفاقي حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي برطرف ٿيل ملازمن امان الله چاچڙ، مختيار شاھ، سرور ملڪ، منظور مھيسر، رفيق منگي، الطاف سمائر ۽ ٻين دانھيندي چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ملازم دشمن پاليسي اختيار ڪري اسانکي بناجواز جي برطرف ڪيو آھي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.