”اڪيلي سر حڪومت نه ٿا ڪري سگهو“ عبدالله عبدالله طالبان کي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪابل( م ڊ) افغانستان جي اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله طالبان کي خبردار ڪيو آهي ته هو اڪيلي سر حڪومت نه ٿا ڪري  سگهن.افغانستان جي سينئر صحافي  ۽ تجزئي نگار طاهر خان جيو نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته عبدالله عبدالله طالبان کي خبردار ڪيو ته هي گهڻ نسلي ملڪ آهي، حڪومت ۾  سڀني قومن ۽ گروهن کي نمائندگي ڏيڻي پوندي. هن چيو ته طالبان جو پنهنجو موقف آهي ته سڀني کي نمائندگي ملندي پر ويڙهه ڪرڻ سبب اڪثريت ۾ پاڻ هوندا. واضح رهي ته طالبان گلبدين حڪمت يار، حامد ڪرزئي ۽ عبدالله عبدالله  سان ملاقات ڪري  حڪومت سازي لاءِ ڳالهيون ڪري چڪا آهن. هن چيو ته پرڏيهين جي مڪمل نڪرڻ کان پوءِ حڪومت سازي جو واضح اعلان ٿيندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.