روس ۽ سعودي ۾ قربت، فوجي سهڪار، آمريڪا پريشان

اسلام آباد (م ڊ) افغانستان ۾ طالبان جو ڪنٽرول ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهيو اهي، ٽاپ نيوز چئنل جو اطلاع آهي ته پنج شيروارو تڪرار به ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي، جنهن ۾ روس جو اهم ڪردار آهي  ڇو ته روس جو  احمد مسعود ۽ امرا الله تي گهڻو اثر رسوخ آهي، اهڙي طرح ايران ۽ طالبان ۾ به توانائي ۽ تيل سپلاءِ جي حوالي سان ٺاهه ٿي ويو آهي ۽ روڊ رستي جيڪو پاڪستان کان گذري ٿو، واپار شروع ٿي ويو آهي، هن سموري صورتحال ۾ روس، چين، ايران، ترڪ ۽ پاڪستان اهم بڻجي ويا آهن،حيرت جي ڳالهه اها آهي ته  سعودي عرب جي دفاع وارو نائب وزير سعود خالد بن سلمان روس پهتو آهي ۽  پنهنجي هم منصب سان ملاقات ڪئي آهي اطلاع آهن ته فوجي سهڪار بابت ڪو ٺاهه به ٿيو آهي جنهن ڪري آمريڪا ظاهر آهي ته پريشان آهي ڇو ته آمريڪا  جا سعودي عرب سان تمام گهرا لاڳاپار رهيا آهن پر مستقبل ۾ شايد اهي لاڳاپا ساڳا نه رهن، ان ڪري نظر اهو اچي رهيو آهي ته پاڪستان، ايران ترڪي، چين، روس ۽  ٻين ڏکڻ ايشيائي رياستن تي ٻڌل ڪو اتحاد جڙڻ وڃي رهيو آهي ان سلسلي ۾ پاڪستان جو پرڏيهي  وزير شاهه محمود قريشي  به دوري تي نڪتل آهي، ان سڄي صورتحال جو هينئر تائين گهڻو نقسان ڀارت کي پهتو آهي، چين کي به ويجهي ماضيءَ ۾ ٿيل حملن ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جو شڪ آهي ۽ ثبوت هٿ ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي جئين بدلو وٺي سگهي، حالتون تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيون آهن ۽ چٽيون به ٿي رهيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.