9 ورهين کان هڪ گولي جا زخم ڀريندڙ ملالا جو دل افغانين لاءِ چور

بوسٽن( م ڊ) نو ورهيه اڳ طالبان جي گولي جو شڪار ٿيل نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي افغانستان جي عورتن لاءِ ڳڻتي ۾ ورتل آهي. هڪ  مضمون ۾ هن پاڻ تي ٿيل حملي بعد موت سان جهيڙڻ واري واقعن جو ذڪر ڪرڻ سان گڏ هاڻ طالبان جي قبضي بعد افغانين خاص طور عورتن لاءِ پريشاني جو اظهار ڪيو آهي. هن لکيو آهي ته مان هڪ گولي مان صحتياب پئي ٿيان، افغانين ته چئن ڏهاڪن کان لکين گوليون کاڌيون. ملالا يوسف زئي چيو لکيو آهي ته بوسٽن ۾ آپريشن لاءِ آيل هئس ته طالبان جي قبضي جي خبر ٻڌي جهري پيس. هن چيو ته افغانستان تي طالبان جي قبضي بعد اتان جي عورتن بابت ڳڻتي ٿي آهي. 9 آگسٽ تي طالبان جي قبضي جي خبر پئي. هر صوبو انهن جي اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري رهيو هو جن جي هٿيارن ۾ ايتريون گوليون آهن جيتريون مون تي حملي آور جي هٿيار ۾ هيون. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.