يونيورسٽي ايڪٽ ۾ ترميمي ايڪٽ خلاف درخواست تي جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ سنڌ ۾ يونيورسٽي ترميمي ايڪٽ  2018ع کي چيلنج ڪرڻ واري درخواست جي ٻڌڻي دوران لاڳاپيل ادارن جي جواب داخل نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 14سيپٽمبر تائين ملتوي ڪندي لازمي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .درخواست گذار پاسبان جي وڪيل عرفان عزيز پنهنجي موقف ۾ چيو ته آئين ۽ قانون  موجب يونيورسٽين جا وائيس چانسلر گورنر سنڌ مقرر ڪري سگهي ٿو  وڏي وزير کي اختيار نه آهي .ان ڪري وڏي وزير جو عهدو سياسي هوندو آهي پنهنجي من پسند ماڻهو کي لڳائڻ جي لاءِ آئين ۾ ترميم ڪئي وئي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.