طالبان نوادرات ۽ ڊالر ٻاهر موڪلڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ)طالبان ڪابل تي قبضي کانپوءِ مڪمل ۾ بااختيار ڌُر بڻجي ويا آهن.

طالبان هن وقت تائين دنيا جي مختلف ملڪن سان گڏجي ڪم سميت ملڪ ۾ قائم ٿيندڙ حڪومت ۽ قانونن بابت ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا آهن.

انکانسواءِ طالبان هاڻي ملڪ جي نوادرات ۽ ڊالر ٻاهر موڪلڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

ترجمان طالبان ذبيح الله مجاهد سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته افغان شهري افغانستان جي نوادرات ۽ ڊالر هوائي يا زميني رستن ذريعي ٻاهر موڪلڻ کان پاسو ڪن.

ذبيح الله مجاهد چيو ته ڀڃڪڙيون ڪرڻ جي صورت ۾ جيڪو سامان ٻاهر موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي اهو ضبط ڪيو ويندو ۽ ڄاڻايل ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

واضح رهي ته طالبان پنجشير وادي کانسواءِ سڄي ملڪ تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ انهن طرفان ڪيترن ئي اهم عهدن تي مقرريون به ڪيون ويون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.