مواڇ ڳوٺ ڌماڪو:  دهشتگردن جي سِرَ جي قيمت مقرر

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي مواڇ ڳوٺ ۾ ڌماڪي ۾ 13 ڄڻا مارجي وڃڻ جي واقعي ۾ ملوث دهشتگردن جي سِر جي قيمت مقرر ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب ڌماڪي ۾ ملوث جوابدارن جي ڳولا لاءِ انهن جي سِرَ جي قيمت 50 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جوابدارن جي گرفتاري ۽ انعام بابت اشتهار ڏنا ويندا.

پوليس ڌماڪي جو ڪيس اڻڄاتل دهشتگردن خلاف داخل ڪيو آهي، اهو ڪيس مدينا ڪالوني ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي، ايڪسپلوزو ايڪٽ، قتل سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

جاچ ادارن طرفان ڪيس تي ڪم تيز ڪيو ويو آهي ۽ مختلف رُخن کان جاچ کي اڳتي وڌايو پيو وڃي.

واضح رهي ته مواڇ ڳوٺ ۾ مني ٽرڪ تي حملي ۾ ٻارن سميت 13 ڄڻا مارجي ويا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.