عالمي بينڪ افغانستان جي امداد بند ڪري ڇڏي

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)عالمي بينڪ افغانستان جي امداد بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

عالمي بينڪ طالبان جي ڪنٽرول کانپوءِ افغانستان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

عالمي بينڪ جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ ورلڊ بينڪ جي 2 درزن کان مٿي ترقياتي ڪم جاري آهن، هن وقت صورتحال جو غور سان جائزو وٺي رهيا آهيون.

عالمي بينڪ موجب 2002 کان افغانستان کي 5.3 ارب ڊالر ڏئي چڪا آهيون جنهن ۾ گهڻي قدر امداد شامل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.