نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي پاڪستان دوري بابت اهم اڳڀرائي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ۽ انگلش ڪرڪيٽ ٽيمن جي پاڪستان دوري کان اڳ سيڪيورٽي ماهرن ريگ ڊيڪاسن ۽ ڊيوڊ سينيئر قذافي اسٽيڊيم جو دورو ڪري، جتي کين گهرو کاتي طرفان سيڪيورٽي انتظامن تي بريفنگ ڏني وئي.

نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن کي سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ پاڪستان اچڻو آهي، جن جون ميچون لاهور ۽ راولپنڊي ۾ ٿينديون.

وينيوز جو جائزو ۽ مختلف ادارن کان بريفنگ وٺڻ لاءِ ٻه سيڪيورٽي ماهر ريگ ڊيڪاسن ۽ ڊيوڊ سينيئر پاڪستان جي دوري تي آهن، پهرئين مرحلي ۾ کين قذافي اسٽيڊيم ۾ ڊريسنگ رومز ۽ گرائونڊ جو معائنو ڪرايو ويو.

ڊائريڪٽر انٽرنيشنل ذاڪر خان ۽ ڊائريڪٽر سيڪيورٽي ڪرنل آصف کين بريفنگ ڏني ۽ گرائونڊ ۾ انتظامن کان آگاهه ڪيو.

سيڪيورٽي ماهرن گهرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ظفر نصرالله جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ به شرڪت ڪئي، جنهن ۾ سي سي پي او غلام محمود سيڪريٽري انتظامن تي بريفنگ ڏني.

گهرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري چيو ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويندا، ٽيم جي روٽ تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون وينديون.

ان موقعي تي نيوزيلينڊ ٽيم جي سيڪيورٽي انچارج انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.