گهاري ۾ گرفتارين لاءِ ويل پوليس پارٽي تي فائرنگ، 2 اهلڪار شهيد، 3 زخمي

 

گهارو (ويب ڊيسڪ) گهاري لڳ ٻاٻڙا روڊ تي جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ويل پوليس پارٽي تي فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

شهيد ٿيلن ۾ اي  ايس آءِ سخي محمد بخش بلوچ ۽ جمعدار علي نواز چنڙ شامل آهن، جڏهن ته ڊي ايس پي غلام رسول سيال، ايس ايڇ او ممتاز بروهي ۽ هڪ سپاهي زخمي ٿي پيا، جن کي رورل هيلٿ سينٽر گهارو پهچايو ويو، جتان کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي روانو ڪيو ويو.

گهارو پوليس موجب فريادي غلام سرور بروهي جي زمين تي ويٺل ڏوهارين خلاف داخل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن سلطان پليجو، ڊاڪٽر نعيم پليجو، سڪندر شاھه ۽ صدر ولهاري سميت ٻين جي گرفتاريءَ لاءِ جيئن زمين تي پهتاسين ته اتي مورچن ۾ موجود 20 کان وڌيڪ هٿياربندن پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪئي.

پوليس ٻڌايو ته فائرنگ ۾  اي ايس آءِ سخي محمد بخش چنڙ ٿڏي تي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته جمعدار علي نواز چنڙ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي موڪليو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين، زخمي ٿيل ڊي ايس پي غلام رسول سيال کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ ڪراچي روانو ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن ضلعي جي مختلف علائقن جي پوليس پاران حملي واري هنڌ جو گهيرو ڪري جوابدارن جي گرفتاري جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.