پاڪستان ۾ ڪورونا جا حملا تيز، هڪ ئي ڏينهن 141 ڄڻا فوت ٿي ويا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب تقريبن 4 مهينن کانپوءِ هڪ ئي ڏينهن سڀ کان وڌيڪ 141 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جون 61 هزار 410 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 4199 ۾ وائرس جي تصديق ٿي.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 141 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا ۽ هڪ ڏينهن ۾ ايتريون فوتگيون تقريبن 4 مهينن کانپوءِ سامهون آيون آهن، ان کان اڳ 3 مئي تي ڪورونا سبب 161 فوتگيون ٿيون هيون.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 6.83 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا سان فوت ٿيندڙن جو ڪُل انگ 25 هزار 220، جڏهن ته ڪيسن جو مجموعي انگ 11 لک 35 هزار 858 ٿي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.