سنڌ ۾ هندو ميرج ايڪٽ غير فعال، اقليتي برادري ۾ ڳڻتي جي لهر

حيدرآباد(رپورٽ: عتيق ملاح) هندو برادري جي شادين کي قانوني تحفظ ڏيڻ، علحيدگي ۽ ٻارڙن جي سار سنڀال سميت ٻارڙن جي معاملن  جي حوالي سان اسيمبلي مان پاس ٿيل هندو ميرج ايڪٽ 2017ع تي عمل نه ٿي سگهيو آهي، سنڌ ۾ هندو ميرج ايڪٽ جا رولز ٺهي وڃڻ جي باوجود يونين ڪائونسل سطح تي ان تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، معاملو لوڪل گورنمينٽ کاتي وٽ اٽڪيل آهي، جنهن جي ڪري هندو برادري جي شادين ۽ علحيدگي سميت ٻارڙن جي حوالي سان معاملن کي روايتي انداز سان ڏٺو ۽ حل ڪيو پيو وڃي. سنڌ اسيمبلي 2016ع ۾ سنڌ هندو ميرج رجسٽريشن ايڪٽ پاس ڪيو هو، جنهن کانپوءِ قومي اسمبلي مان هندو ميرج ايڪٽ 2017ع پاس ٿيو، جيڪو سينيٽ مان به منظور ٿيو، سڀ کان پهريان سنڌ ۾ ان قانون تحت رولز ٺاهيا ويا، بلوچستان ۾ به رولز ٺهي چڪا آهن، جڏهن ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ اڃا تائين هندو ميرج ايڪٽ جا رولز به نه ٺهي سگهيا آهن. سنڌ ۾ هندو ميرج ايڪٽ جا رولز ٺهڻ کانپوءِ ان تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ سستي تي هندو برادري ۾ مايوسي ڇانيل آهي. نيشنل لابنگ ڊيليگيشن فار منارٽي رائٽس موجب رولز ٺهڻ باوجود يونين ڪائونسل سطح تي قانون تي عملدرآمد نه ٿي رهيو آهي، 72 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هندو برادري جي شادي شده جوڙن کي قانوني تحفظ ملڻ جي اميد جاڳي هئي، هن قانون تحت يونين ڪائونسل سطح تي پنڊن جي رجسٽريشن ٿيڻي هئي، هر يونين ڪائونسل ۾ آبادي جي لحاظ سان پنڊت رجسٽرڊ ٿيڻا هئا، جيڪي هندو برادري جي ماڻهن جون شاديون ڪرائي انهن کي سرٽيفڪيٽ ڏيندا ۽ اهو سڄو رڪارڊ يونين ڪائونسل جي آفيس ۾ جمع ڪرائڻ جا پابند هوندا، وري اهو سمورو رڪارڊ وري نادرا تائين به پهچي سگهي ٿو، پر هن وقت تائين سنڌ ۾ يونين ڪائونسل سطح تي پنڊتن جي رجسٽريشن نه ٿي سگهي آهي، جنهن جي ڪري هندو برادري جي ماڻهن جي شادين جي رجسٽريشن ۽ سرٽيفڪيٽ ملڻ وارو معاملو اٽڪيل آهي. هندو ميرج ايڪٽ جي لاءِ ڪوششون ڪندڙ نيشنل لابنگ فار منارٽي رائٽس جي اڳواڻن ايم پرڪاش ايڊووڪيٽ، جئه پرڪاش موراڻي، پشپا ڪماري، ڪرشن شرما ۽ ٻين پاران ان قانون تي يونين ڪائونسل سطح تائين عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ ڪوششون جاري آهن، پر هن وقت تائين لاڳاپيل کاتن پاران ڪا تڪڙي اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.17

هندو ميرج ايڪٽ تي عملدرآمد ڪيو وڃي:سماجي اڳواڻ

حيدرآباد: هندو برادري جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اڳواڻن ۽ سماج سڌارڪن مطالبو ڪيو آهي ته هندو برادري جي ماڻهن جي شادين کي قانوني تحفظ ڏيڻ، علحيدگي ۽  ٻارڙن جي معاملن جي حل لاءِ پاس ٿيل هندو ميرج ايڪٽ تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي قانوني مونجهارا ختم ڪيا وڃن. ان سلسلي ۾ ايڊووڪيٽ ايم پرڪاش چيو ته هن قانون تي يونين ڪائونسل سطح تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ سياسي ول گهرجي ٿي، قومي اسيمبلي جي ميمبرن کان وٺي لوڪل گورنميٽ کاتي تائين سمورن ماڻهن سان ملاقاتون ڪري ان قانون تي عملدرآمد جي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن، پر اڃا تائين معاملو حل نه ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته اسان سطح تي حڪومت کي ياد ڪرايو آهي ته هندو برادري جي ماڻهن جي شادين کي قانون تحفظ ڏيڻ جي لاءِ قانون تي عمل ڪيو وڃي، لوڪل گورنمينٽ پاران صرف هڪ نوٽيفڪيشن ڪڍڻو آهي جيڪو يونين ڪائونسل جي سيڪريٽرين تائين پهچندو جنهن کانپوءِ پنڊتن جي رجسٽريشن شروع ٿي سگهندي ۽ ان کانپوءِ معاملا اڳتي وڌندا. سماجي اڳواڻ جاويد سوز هالائي چيو ته قانون تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ رولز ۽ بزنس تحت اسٽرڪچر جوڙي ان تي عمل ڪيو وڃي، پاليسي ٺهڻ ته سٺي ڳالهه آهي، پر جڏهن ان تي عمل نٿو ٿئي ته ان سان وڌيڪ مسئلا پيدا ٿين ٿا. هن چيو ته هن قانون بابت عوام کي ڄاڻ پهچائڻ جي لاءِ به جاڳرتا مهم هلائي وڃي ته جيئن هيٺين سطح تي عام ماڻهو به ان قانون کان واقف ٿي سگهي. سماجي اڳواڻ واحد سنگراسي چيو ته هندو ميرج ايڪٽ جي بنياد تي جيڪي پنڊت رجسٽرڊ ٿيڻا هئا، پنڊتن جي رجسٽريشن ۾ تمام گهڻي دير ٿي آهي، اهو ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ٽنڊو محمد خان ۽ مٺي ۾ هڪ يا ٻه پنڊت رجسٽرڊ ٿيا آهن. مسيحي اڳواڻ بوٽا مسيح چيو ته مسيح برادري جي شادين ۽ علحيدگي بابت قانون ۾ ترميمون ٿيڻ گهرجن، هندو ميرج ايڪٽ جيان مسيح برادري جي ماڻهن جي شادين جي قانون کي بهتر بنائڻ گهرجي. پشپا ڪماري چيو ته هندو ميرج ايڪٽ تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ هاڻ ڪا وڏي رڪاوٽ ناهي، ان ڪري لاڳاپيل کاتن کي گهرجي ته بنا دير هندو ميرج ايڪٽ تي هيٺين سطح تائين عمل ڪرايو وڃي.

ميرج ايڪٽ کان هندو برادري جا عام ماڻهو، پوليس ۽ وڪيل اڻڄاڻ

حيدرآباد: هندو ميرج ايڪٽ کان هندو برادري سميت  پوليس ۽ وڪيلن سميت لاڳاپيل کاتن جا عملدار به اڻڄاڻ بڻيل آهن، جنهن جي ڪري هيٺين سطح تائين قانون تي عملدرآمد ڪرائڻ به وڏو چئلينج بڻيل آهي، سماج سڌارڪن جو چوڻ آهي ته هن قانون جي ڄاڻ عام ماڻهن تائين پهچائڻ جي لاءِ جاڳرتا مهم به هلائي وڃي، يونين ڪائونسل سطح تائين عام ماڻهن کي قانون بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن ته جيئن قانون تي عملدرآمد يقيني ٿي سگهي. 17

مسيح برادري جي شادين بابت 1872 وارو قانون هلندڙ

حيدرآباد: مسيح برادري جي شادين جو قانون به تمام گهڻو پراڻو ٿي چڪو، انگريز دور  ۾ 1869ع ۾ پهريان طلاق جو قانون جڙيو، جڏهن ته 1872ع ۾ شادي جو قانون ٺاهيو ويو، پاڪستان ۾ اڄ ڏينهن تائين ان ئي قانون موجب مسيح برادري جي ماڻهن جو شاديون ٿين ٿيون، ان سلسلي ۾ مک چرچ پاران هڪ قانوني مسودو ٺاهي وفاقي حڪومت حوالي ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪابينا آڏو به پيش ٿيو، پر هن وقت تائين قانون واري وزارت وٽ پيل آهي.17

هندو ميرج ايڪٽ عالمي انساني قانونن کي نظر ۾ رکي ٺاهيو ويو

حيدرآباد: هندو ميرج قانون موجب شادي جي عمر 18 سال، علحدگي ۽ ٻي شادي ممڪن ٿيل  آهي، ان سان گڏوگڏ شادي کي ريجسٽرڊ ڪرڻ لازم قرار ڏنو ويو آهي، بل عالمي قانون ۽ انساني حقن کي اڳيان رکي ڪري ٺاهيو ويو، زوريءَ مذهب مٽائڻ کي به عدالتن ۾ چئلينج ڪري سگهبو، هندو شهرين وٽ پنهنجي شادي کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪاغذي ثبوت هوندو، جيڪو پهريان نه هو.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.