ٽنڊي آدم ۾ قتل ڪيس ۾ 7 جوابدار چالان

ٽنڊو آدم ( ن ع آ ) ٽنڊي آدم جي شاھ فيصل اسٽريٽ ۾ 7 مهينا اڳ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل سفينا جي ڊيلر ملا ارشاد جي قتل  ڪيس ۾ عدالت جي حڪم تي بي سيڪشن پوليس قتل ڪيس ۾ سندس  ڌي ڪشف چندريگر کي روپوش ڄاڻائي ڪيس ۾ نامزد ڪري ڇڏيو آھي جڏهن ته پوليس اڳ ۾ سندس چاهيندڙ شعيب عرف شوبي ، سندس ساٿين وقاص ۔ طلحه ۔ بلال ۽ نومي کي نامزد ڪري ڇڏيو آھي ڄاڻايل 4 ئي جوابدار گرفتار آھن جڏهن ته ان کان اڳ سي آء اي پوليس سانگهڙ جي ڊي ايس پي جاويد اقبال چانڊيو جي سربراهي ۾ جاچ ٽيم هن ڪيس جي جاچ ڪري مقتول واپاري جي زال شاهين ۽ سندس چاهيندڙ آصف شاھ کي جوابدار نامزد ڪري ڪيس جو چالان سينيئر سول جج فرحاز علي ميمڻ جي عدالت  ۾ پيش ڪيو هو جنهن کي عدالت رد ڪري ڊي آء جي شهيد بينظيرآباد کي حڪم ڪيو ته ڪيس جي ٻيهر جاچ ڪرائي وڃي ۔ بي سيڪشن پوليس مقتول جي زال شاهين ۽ آصف شاھ کي ڪالم 2 ۾ جوابدار ڄاڻايو آھي پوليس موجب ته اهو عدالت جو اختيار آھي ته اها ٻنهي کي جوابدار ڄاڻائي ٿي يا وري کين بري ٿي ڪري ۔ جڏهن ته  اهي ٻئي جوابدار ضمانت تي آزاد آھن ۔ واضع رهي ته 7 مهينا اڳم ڦورن جي ٽولي ملا ارشاد جي گهر ۾ داخل ٿي کانئس لکين رپياڦر ڪيا ۽ مزاحمت تي کيس قتل ڪري فرار ٿي ويا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.