خيرپور ۾ڳوٺاڻن جو عدالت ٻاهران احتجاج، پوليس ۽ بااثر خلاف دانهون

خيرپور (رپورٽ : شاهد نواز سيال  ) خيرپور ڀرسان ڳوٺ کاهه ڦلپوٽا جي رهواسين  سيشن ڪورٽ ٻاهران احتجاجي مظاهرا ، الطاف ڦلپوٽو مٿان  وياج جي پيئسن عيوض شادي ڪرڻ وارا الزام رد ، قانون ۽ شريعت موجب رشتو ۽ شادي ڪرڻ تان مخالفن ڪوڙو ڊارمو رچايو آهي ، پوليس ڪوڙي ڪيس ۾ الطاف ، شاهن ، علي خان ۽ اجمير ڦلپوٽو کي  گرفتار ڪري ڇڏيو آهي نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي مظاهرين جون ميڊيا آڏو دانهون ، تفصيل موجب احمد پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ کاهه ڦلپوٽا لڳ ڏانورو جي رهواسين مير ڦلپوٽو ، محمد معروف ، نواب ڦلپوٽو ، عجيب علي ، مشتاق احمد ڦلپوٽو ۽ ٻين سيشن ڪورٽ ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته جنوري 2021 ۾ ڳوٺ وريو ڦلپوٽو جي رهواسي  سبحان ڦلپوٽو سان سندس نياڻي نبيلا جو نڪاح اسان جي نوجوان الطاف ڦلپوٽو سان ٿيو هيو ، هن رشتي ۾ ڪنوار نبيلا ڦلپوٽو جي ماءُ امينا ڦلپوٽو ۽ سندن مائٽ شعيب احمد ڦلپوٽو اسان وٽ آيا هئا ۽ اسان جو گهر گهاٽ گمهڻ بعد  سبحان ڦلپوٽو گهر ڀاتين جي رضا مندي سان رشتو پڪو ڪري شريعت ۽ قانون موجب نڪاح ڪرايو هو ، مظاهرين ٻڌايو ته ذوالحج مهيني جي 28 تاريخ تي الطاف ڦلپوٽو برادري رسمن موجب نبيلا ڦلپوٽو سان لائون لهي رکستي ڪري ڪنوار کي گهر وٺي آيو ،جنهن بعد نبيلا پنهنجي پيءُ جي گهر گمهڻ وئي ته 9 محرم تي زال مڙس جو پاڻ ۾ جيهڙو ٿي پيو جنهن کي اسان جي مخالفن ميڊيا ذريعي غلط رنگ ڏياري اسان جي خلاف ميڊيا ٽرائل ڪيو ۽ مخالفن جي سازش تحت احمد پور ٿاڻي تي سبحان ڦلپوٽو جي فرياد تي وياج جي پيئسن عيوض نبيلا جي شادي الطاف سان ڪرائڻ جو  ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو ، احمد پور پوليس مخالفن کان ڳري رشوت وٺي اسان جي نوجوان گهوٽ الطاف ڦلپوٽو ، شاهن خان ، علي خان ، اجمير ڦلپوٽو کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ کين آزاد ڪرڻ لاءِ لکين روپيا رشوت طلب ڪئي پئي وڃي ،مظاهرين آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي سکر ، ايس ايس پي خيرپور ، ڊي ايس پي پير جو ڳوٺ سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو واقعي جو نوٽيس وٺي حقيقت تي ٻڌل واقعي کي ظاهر ڪري ، اسان جي بي ڏوهي گرفتار ٿيل ماڻهن کي آزاد ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.