ڪاڇي جي ڳوٺن کي پاڻي ڏيو، فريد آباد ۾ سياسي سماجي اڳواڻن جو احتجاج

فريد آباد ( ن ع آ ) ڪاڇي جي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ   سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪاڇي واسين  ميھر علي ڏيرو ، محرم علي رند، شبير احمد ڪرٽيو،  سڪندر علي بروهي، پير محمد ڏيرو، وڏيرو روشن  ٻگهيو،  علي رضا گائينچو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 68  ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا پاڻي ڏيو جا زوردار نعرا ھڻندا اچي سٽي گيٽ  اڳيان احتجاج ڪيو،  ھنن چيو ته ڪاڇي ۾ پيئڻ جي  پاڻي جي سھولت ناھي  ڪاڇي واسي پاڻي لاءِ  تڙپي رھيا آهيون،  واٽر سپلاءِ  جي ڪم ۾ ڪرپشن ڪئي وئي آهي، واٽر سپلاءِ  جا پائيپ وڪرو ٺيڪيدار ڪم بند ڪري گم ٿي ويو آھي،  تڪ مان چونڊيل نمائندا  ايم اين اي ڊي سي دادو ، پبلڪ ھيلٿ دادو جو انجنيئر احسان شاھ  ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورا آھن،  تيل گيس ڪمپني انتظاميان ڪاڇي واسين کي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت ڏئي ناهي  سگھي  ڪاڇي جي ڳوٺن کي روڊ رستا ۽ ٻيون سھولتون ملي ناھن سگھيون  عوام احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهي،  ھنن وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته واٽر سپلاءِ  جي اسڪيم ۾ ڪيل ڪرپشن جي  جانچ ڪرائي  ڪاڇي واسين کي پئيڻ جي  پاڻي جي سھولت ڏني وڃي، ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.