ڇور ۾غيرقانوني ليبارٽرين خلاف احتجاج، ٽائر ساڙي ڌرڻو

ڇور (رپورٽ : سروپ سوڍو ) ڇور ۾ غير رجسٽرڊ ليبارٽرين جي ھلڻ ۽ غير معياريون ٽيسٽون ڏيڻ خلاف سياسي سماجي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاھرو ڪري ڇور عمرڪوٽ باء پاس روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي چار ڪلاڪن تائين  ڌرڻو ھنيو جنھن سبب عمرڪوٽ ڍورونارو ڇور ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل رھي ان موقعي تي مظاھرين علي نواز آريسر صدام منڱريو عمر اعجاز شوڪت اسٽار نواز علي نھڙي غلام قادر آريسر نواز علي آريسر ۽ ٻين چيو ته ڇور شھر ۾ گذريل ڪافي وقت کان غير رجسٽرڊ ليبارٽريز ھلي رھيون آھن جنھن ۾ جيڪا به ٽيسٽ ٿئي ٿي اھا ھن جون رپورٽون غير معياري ھجن ٿيون ۽ ليبارٽريز ھلائيندڙ ٽيڪنيشن پڻ عطائي آھن جنھن وٽ ڪنھن به قسم جو شرٽيفڪيٽ نه ھوندو آھي جنھن سبب فائدو ڏيڻ بجاء نقصان ڏئي رھيون آھن تازو ئي ٽي ڏينھن اڳ ۾ ڇور جي خانگي ليپارٽريز ۾ اٺن سالن جو ھڪ معصوم ٻارڙو ايان علي آريسر رت جي غلط ٽيسٽ سبب فوت ٿيو جنھن جي مائٽن سان ڪنھن به قسم جو انصاف نه ٿيو آھي ھنن چيو تي اسان اھڙي قسم جون شڪايتون ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ۽ ھيلٿ ڪيئر عمرڪوٽ جي انچارج کي ڏيڻ باوجود ڪا به ڪاروائي نه ٿي آھي ھنن وڌيڪ چيو تي اسان ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽش ۽ ٻين اعلي اختيارين کي اپيل ڪريون ٿا تي معصوم ايان علي آريسر جي موت جو ڪارڻ بڻجندڙ خانگي ليبارٽريز جي مالڪ خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ سان گڏ ڇور شھر ۾ ھلندڙ غير رجسٽرڊ ليبارٽون بند ڪرايون وڃن ھنن وڌيڪ چيو تي 24 ڪلاڪن اندر معصوم فوت ٿيل معصوم ٻارڙو ايان علي آريسر جي مائٽن سان انصاف نه ڪيو ويو تي احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو بعد ۾ ايس ايڇ او ڇور دين محمد لغاري مظاھري واري ھنڌ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري يقين ڌياني ڪرائي تي خانگي ليبارٽري ھلائيندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي ليبارٽري جي ٻاھران مون پوليس اھڪار مقرر ڪيا آھن توھان سان مڪمل انصاف فراھم ڪيو ويندو جنھن بعد ڌرڻو ختم ڪرايو ويو.  ٻئي طرف مظاھرين چيو تي پوليس انصاف نه ڪيو تي ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.