سنڌ ۾ مڪاني چونڊن واري معاملي کي گڏيل اتفاق سان حل ڪرڻ گهرجي

ايڊيٽوريل

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي چيف اليڪشن ڪمشنر آف پاڪستان سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس سومر ڏينهن ٿي گذريو جنهن ۾ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کان سواءِ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي، سنڌ حڪومت جي نمائندگي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سنڌ حڪومت ۽ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ڪئي.

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان سنڌ حڪومت کي ڪجهه تحفظات آهن جن جو اظهار سنڌ حڪومت  پنهنجي ترجمان جي ذريعي وقت بوقت ڪندي رهي آهي، اجلاس ۾ پڻ سنڌ حڪومت جي چيف سيڪريٽريءَ اهو موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت مڪاني قانونن ۾ تبديلي ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن لوڪل گورنمينٽ جا مختلف ادارا جنهن ۾ لوڪل ڪائونسل، ميونسپل ڪارپوريشن، ميونسپل ڪميٽي، ٽائون ڪميٽي ۽ ٻين جي نوعيت انهن جي انگ ۽ آبادي جو تعين ڪري سگهجي، جنهن لاءِ 6 مهينن جو وقت گهربل آهي، ان موقعي تي مرتضيٰ وهاب اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت آدمشماريءَ جا حتمي انگ اکر جيڪي سي سي آءِ جي منظوري کان پوءِ 6 مئي 2021ع تي جاري ڪيا ويا آهن، انهن تي پڻ تحفظات آهن جنهن جي اپيل پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل (7) 154 تحت اسان وفاقي حڪومت کي ڪئي آهي جيستائين اسان جي اپيل جو فيصلو نه ٿو ٿئي صوبي ۾ مڪاني چونڊ ڪرائڻ ممڪن ناهي، مڪاني چونڊ شيڊيول کان 18 مهينا پهرين مڪمل ڪيو وڃي ۽ تڪبندي جو ڪم اليڪشن شيڊيول کان هڪ سال پهرين شروع ڪيو وڃي،

جڏهن ته اجلاس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر رمارڪس ڏنا ته سنڌ حڪومت پهرين موقف اختيار ڪيو هو ته عارضي آبادي جي انگن اکرن 2017ع تي اليڪشن ڪميشن تڪبندي نٿي ڪري سگهي جنهن کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن صوبي ۾ تڪبندي جي عمل کي عارضي طور تي روڪي ڇڏيو هو، هاڻي جڏهن ته آبادي جا آخري انگ اکر شايع ٿي چڪا آهن ته توهان اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته آبادي جي حتمي انگن اکرن تي سنڌ حڪومت کي تحفظات آهن، ان موقف مان اهو تاثر ملي ٿو ته صوبائي حڪومت مڪاني چونڊ ڪرائڻ ۾ سنجيده ناهي، جيڪڏهن پارليامينٽ ان مسئلي کي ترت حل نٿي ڪري ته ڇا صوبي ۾ مڪاني چونڊ نه ڪرائي ويندي، اليڪشن ڪميشن صوبائي حڪومت جي نمائندن کان اليڪشن منعقد ڪرائڻ لاءِ ٽائيم فريم لاءِ چيو ته انهن چيو ته هو هن وقت ڪو به ٽائيم فريم ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ناهن، اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت جي نمائندن جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو ڪيو ته ان مسئلي تي غور ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جو ڌار اجلاس گهرائينداسين ۽ ان تي مناسب فيصلو ڪنداسين ۽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي هدايتون جاري ڪيون ته هو هلندڙ هفتي ان سلسلي ۾ هڪ اجلاس ڪرائي،

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن، وفاقي حڪومت ۽ سنڌ جي وچ ۾ تڪرار ڪافي ڏينهن کان جاري آهي، ان وچ ۾ سنڌ حڪومت مرتضى وهاب کي ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ڪراچيءَ جو ايڊمنسٽريٽر پڻ مقرر ڪيو جنهن تي پڻ ڪافي تنقيد ڪئي وئي.

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان سنڌ حڪومت مڪمل  طور تي ڪو به انڪار نه ڪيو آهي ۽ نه ئي سنڌ حڪومت جي ترجمان جو اهڙو ڪو بيان آهي، مڪاني چونڊن جي حوالي سان سنڌ جو جيڪو اعتراض سامهون ايندو رهيو آهي اهو آهي،  آدمشماريءَ جا انگ اکر جن تي سنڌ حڪومت کي اعتراض آهي، اصولي طور تي جڏهن آدمشماريءَ جو مسئلو ئي تڪراري هوندو ته پوءِ چونڊون ڪيئن ٿي سگهنديون پوءِ اهي کڻي قومي چونڊون هجن، صوبائي اسميبليءَ جي تڪن جون چونڊون هجن يا وري مڪاني ادارن جون چونڊون هجن.

ان ڏس ۾ اسان ان خيال جا آهيون ته مڪاني چونڊن جي حوالي سان سنڌ جي اصولي موقف ۽ اعتراض کي سامهون رکي ان کي وزن ڏنو وڃي، جيڪي اعتراض آئين جي آرٽيڪلن جي روشنيءَ ۾ حل ٿيڻا آهن، انهن کي آئين جي روشنيءَ ۾ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ ان کانپوءِ ئي ڪو عمل ڪيو وڃي، اسان ان راءِ جا آهيون ته جيستائين سنڌ جي اپيل جو فيصلو نه ٿو ٿئي تيستائين بهتر ٿيندو ته سنڌ جي موقف کي تسليم ڪندي ان کي مڃتا ڏني وڃي، اهڙي اصولي موقف تي ڪنهن به قسم جي ارهه زورائي نه ڪئي وڃي. حڪومت ۽ انتظامي معاملن ۾ اسٽيڪ هولڊرن کي نظرياتي ۽ پارٽي تڪرارن باوجود گڏجي ويهي هڪٻئي جي راءِ کي سمجهڻ گهرجي ۽ ان کي زميني حقيقتن جي روشني ۾ پڻ ڏسڻ گهرجي ۽ گڏيل اتفاق سان حل ڪرڻ گهرجي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.