افغانستان ۾ طالبان جي واپسي ۽ مستقبل جو سوال

تحرير: "راز"علي گل ڀٽو

حيرت جھڙي ڳالهھ آھي ته موجوده دنيا جو سڀ کان وڏو دادو ھڪ مسڪين ملڪ جي کتابين کان ويھن سالن جي مار کائي پوءِ  به ھٿين خالي ڪنڌ ھيٺ ڪري چپ چپات ۾جھازن ۾منھن لڪائي موٽي ويو، شايد کيس طالبان جا ويهھ سال اڳ جا ڏيکاريل ڏينھن جا تارا وسري ويا ھئا،جو آمريڪا بھادر ھٿيارن جي زور تي اسي واري ڏھاڪي ۾ھارايل جنگ کي فتح ۾بدلائڻ جو جوکم کنيو،ھنن سٽن لکڻ جو مطلب ھرگز اھو ڪونھي ته ڪو اسان طالبان جا حامي يا سندن ڪارڪردگيءَ ۽روش جا طرفدار آھيون.

مدرسن جي کتابين پنھنجي سوچ۽جذبن سان آمريڪا کي ڪٽي ناڙ ڪيو آھي،جنھن ڪري تڙ تڪڙ۾طالبان سان ٺاهه ڪري مقامي طرفدار حڪومت کي پنھنجو طرفدار ھوندي به بي يارو مدد گار ڇڏي کڻي پويان پير ڪيا،جيڪي سندس حمايتي پڻ ھڪ ھڪ ڪري رفو چڪر ٿي ويا.

آمريڪا جا صدر يا ته تاريخ ڪونه ٿا پڙھن يا ياد ڪونه ٿا رکن ،رڳو پينٽا گون جي ڏٽن تي مست ھاٿئ جيان مسڪين ملڪن تي چڙھي ٿا پون،جنھن ڪري اڄ تائين کين ھر حملي ۾شڪست ملي آھي،انھن واقعن جا سائيگائون کان وٺي ڪابل تائين کوڙ سارا گواهه آھن،ياد رھي ته جنگ۾ھٿيارن۽بارود جي وڏي اھميت ھوندي آھي،پر انھن کي ھلائڻ لاءِ به دل، ايمان ۽ قومي جذبي جو ھجڻ لازمي ھوندو آھي، ھونئن به سئو سرحدون لتاڙي پرائي اڻ ڏٺي ملڪ جي سرحدن اندر جنگ وڙھڻ وارو جوکم آمريڪا جھڙو سفيد ھاٿي ئي کڻي سگھي ٿو،جڏھن ته افغانستان جي جغرافيائي طور بيھڪ مقامي ويڙھاڪ لشڪرن جي حق ۾آھي،جن کي رڳو جنگي جھازن سان تابع نٿو ڪري سگھجي.

اڻويهھ سئو اسي واري ڏھاڪي جي شروعات ۾ضياءُالحق جي مڪاريءَ ۽روس  دشمنيءَ ۾جن طالباني لشڪرن جي پرورش ئي وئي،انھن ئي طالبانن روس جي واپسيءَ  کان پوءِ  ملان عمر جي اڳواڻيءَ ۾آمريڪي حمايتي فوجن کي پوئتي ڌڪي افغان اقتدار تي قبضو ڪري ورتو،ان وقت طالبان حڪومتي امور کان بلڪل نا وقف ھئا،جنھن ڪري القائده ۽ دائش جھڙا قدم کڻي ملڪي۽ عالمي طور تي ناڪام ٿي ويا،جنھن مطلب آمريڪا به غلط ورتو،آمريڪا کي سوچڻ کپندو ھيو ته جيڪي طالب روس ۽ آمريڪا کي رڪ جا چڻا چٻائي سگھن ٿا ته انھن کي ڏندن ھيٺ نه آڻڻ کپي، افغانن جي خود جي ويڙھاند جي ھڪ ڊگھي تاريخ آھي،جيڪا محمود غزنوي،غازي امان الله، شاهه ظاھر شاه،سردار داؤد،نور محمد ترهه ڪي،ببرڪ ڪارمل، ڊاڪٽر نجيب الله، ملان عمر، حامد ڪرزئي ۽ اشرف غنيءَ  کان ٿيندي اچي ملا برادرس تي دنگ ڪري ٿي، مخالفن کي ڪڏھن به آرام نصيب ناھي ٿيو.

ھونئن ته افغانستان ھڪ غريب ملڪ آھي،جنھن جا وسيلا بلڪل محدود ۽ غير پرڪشش آھن،پر جنگي حڪمت عملي جي حوالي سان سندس وڏي اھميت آھي،ڪابه طاقت ھتي ويھي ايراني نار جي ملڪن، روس ۽ روسي رياستن، چين ۽ سڄي  ننڍي کنڊ جي ملڪن تي ڪرڙي نظر رکي سگھي ٿي، محدود زميني مواصلات ۽ گھوڙن خچرن وارو ھيءَ  ملڪ ريلوي ۽ سامونڊي سھوليت کان به يڪسر محروم آھي، پر  ھن ملڪ جا ماڻھو نھايت ئي سخت جان، ديني پوئلڳ ۽ پختا ويڙھاڪ آھن، ھي جيستائين ھڪٻئي جو ڍينگو ڍيري نه ڪن، تيسين کين ڪو ٻاھريون آسانيءَ  سان ھارائي نٿو سگھي، اھڙيون ڪوششون نيٽو ڀائيوار برطانيا انگريز بادشاهه ننڍي کنڊ تي حڪمرانيءَ  دؤران ڪيترائي دفعا ڪري چڪو پر  ھر دفعي ناڪام رھيو، ڏھاڪو کن ملڪن تي ٻڌل نيٽو فوج پنجھتر ھزار غير منظم طالباني فوج کان ھارائي وئي، حيرت کائيندي دنيا جا جنگي ماھر ان کي آمريڪا جي توسيع پسندي ۽ اڳرائيءَ  واري روش کي قرار ڏئي رھيا آھن.

طالبان جي طاقت کي ته آمريڪا ان ڏينھن کان وٺي تسليم ڪري چڪو ھيو جڏھن ھن مفرور طالبان اڳواڻن خليل زادي ذريعي حڪومت قطر جي ميزبانيءَ ۾ ٺاهه جون ڳالھيون شروع ڪيون،جيڪي سالن تائين جاري رھيون، جن دوران ڪيئي لاھا چاڙھا به آيا، اشرف غني اقتدار کي طالبان حوالي ڪرڻ بدران پنھنجي مٺ ۾مضبوط رکڻ پئي چاھيو، بگڙيل حالتن جي ڪري ھن۾ اھڙي صلاحيت به ڪونه ھئي،طالبان جو ھفتن ۾سمورو افغانستان فتح ڪري آسانيءَ  سان ڪابل ۾داخل ٿيڻ تي، مبصر ٻه انديشا ڏيکاري رھيا آھن،ھڪ يا ته آمريڪا کي طالبان جي اندرون ملڪ طاقت ۽ حمايت جو ۽ ڪابل انتظاميا جي نااھلي۽ ٽي لک افغان فوج جي ھن قسم جي بزدليءَ  جي پوڙ نه ھئي يا ٻيو ته اندر ئي اندر طالبان۽آمريڪا جي مفاھمت ٿيل ھئي ته توھان اسان جو رستو نه روڪيو اسان اوھان جي اڳيان نه اينداسي.

طالبان جي ڪابل ۾تڪڙي داخلا تي آمريڪا جي حيرانگيءَ  تي به دنيا جا مبصر حيران آھن ته چاليهھ سال افغانستان ۾رھڻ کانپوءِ  به افغان اندروني حالتن کان بي خبري واشنگٽن انتظاميا ۽ سي آءِ اي جي وڏي ناڪامي۽ نااھلي چون ٿا. آمريڪا جي تڪڙ ٻڌائي ٿي ته افغان جنگ آمريڪا کي ٿڪائي وڌو آھي، ٻئي پاسي اندروني طور آمريڪي عوام به پنھنجا پيارا فوجي جنگ۾ مارائي مارائي بيزار ٿي پيا آھن ،جنھن خلاف عوام آواز به اٿاري رھيو آھي ته ھڪ لاحاصل ۽بي نتيجا جنگ ۽ آخر ڪھڙو فائدو آھي،انھن مڙني حالتن جو فائدو طالبان کي پئجي رھيو آھي،جن کي غير متوقع۽تڪڙي فتح ملي ويئي.

طالبان جا ھيل تائين جا کنيل قدم،رويا ۽ اعلان ٻڌائي رھيا آھن ته ھي ماضيءَ  جي طالبان کان بلڪل بدليل آھن، اڃان تائين ويڙھاند ۽ بدلي جو ڪو واقعو نه ٿيو آھي، ٿوري گھڻي رنڊڪ سان ملڪ جو وھنوار  ھلي رھيو آھي، ڪابل جو ھوائي اڏو کليل آھي،طالبان عورتن کي انگريزيءَ ۾انٽرويو ڏيئي رھيا آھن،عورتن ۽ ملازمن جي ڪم ڪرڻ تي ڪا پابندي ناھي،ماضيءَ  وانگر اسلامي شدت پسنديءَ  واري ڳالھه ڪانه ٿي ٿئي،طالبان ڏانھن عالمي دنيا جو رويو ھاڪاري آھي، لڳي ٿو ته حالتون جلد معمول تي اچي وينديون.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.