ڳڙهي خيرو لڳ موٽر سائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا زخمي

ڳڙھي خيرو (ن ع آ) ڳڙھي خيرو ڀر سان جيڪب آباد روڊ تي خوفناڪ روڊ حادثو، موٽر سائيڪل ۽ چنگجي رڪشه ۾ آمھون سامهون  ٽڪر جنهن جي نتيجي  ۾ 3 ڄڻا زخمي، موٽر سائيڪل سور احمد علي عرف الله بخش بروھي زخمن جا سور نه سھندي لاڪاڻي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، ڳڙھي خيرو جيڪب آباد روڊ تي موٽرسائيڪل چنگجي رڪشي  جو آمھون سامهون ٽڪر ٿي پيو،  جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا محب علي بروھي، نذير حسين بروھي، غلام حسين بروھي شديد زخمي ٿي پيا،  جنھن ۾ زخمين کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

جيئي سنڌ محاذ پاران رياستي ڏاڍ خلاف اڄ مٺي ۾ بک هڙتال

مٺي (بيوروچيف) جيئي سنڌ محاذ طرفان پارٽي قيادت کي دھشتگرد قرار ڏئي نالا فورٿ  شيڊول ۾ شامل ڪرڻ ۽ سياسي چرپر تي پابندي هڻڻ ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف اڄ  25 آگسٽ ڪشمير چوڪ  مٺي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چئيرمين نواز شاهه ڀاڏائي پريس سيڪريٽري پنھل جمالي جي اڳواڻي ۾ هڪ روزه بک هڙتال ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.