سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي  بحال ڪري سڌارا آندا وڃن

تحرير: عبدالسيمع ڀنڀرو

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن سان سنڌ جي لکين نوجوانن جو مستقبل لاڳاپيل آهي سٺي ساک رکندڙ هي ادارو ماضيءَ ۾ ڪرپشن جي ور چڙهي ويو جنھن ڪري خاطر خواهه نتيجا نه ملي سگهيا ادارا سٺي ڪم لاءِ هوندا آهن ادارن جو ڪو به ڏوهه نه هوندو آهي پر انهن ۾ ڪم ڪندڙ ڪجهه ماڻهو پنهنجا نوازيو، رشوت ڏيو ۽ وٺو واري پاليسيءَ تحت هلي ادارن کي نقصان ڏيندا آهن گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ جي بيروزگار ۽ ذهين نوجوانن کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کان مايوسي تڏهن پيدا ٿي جڏهن نتيجا صحيح نه آيا اُهي نوجوان جيڪي اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ مسلسل ڪميشن جي تياري ڪري آيا ۽ اهي ڪميشن جي امتحان ۾ ويٺا انهن نوجوانن کي پنهنجي نتيجن تي حيرت ۽ مايوسي ٿي انهن نوجوانن درخواستن، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي بار بار لکڻ کانپوءِ عدالت جو دروازو کڙڪايو آخرڪار عدالت سڳوري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين، سيڪريٽري ۽ ٻين اعلي عملدارن مٿان سنگين الزام هڻي کين عهدن تان هٽائي سمورو ڪارونهوار معطل ڪري ڇڏيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين معطل آهي فيصلو پنهنجي جاءِ تي بلڪل درست آيو پر هاڻي ڪافي وقت گذري چڪو آهي سنڌ جي هزارين نوجوانن جون مختلف کاتن ۾ درخواستون ڏنل آهن جن اڪلا ءُ بند آهي جڏهن ته مختلف کاتن ۾ انرول ٿيڻ لاءِ اسڪريننگ ٽيسٽ پڻ ورتي وئي آهي جيڪا پنهنجي جاءِ تي.

هن وقت سنڌ جي لکين نوجوانن جي مستقبل جو مسئلو آهي هزارين نوجوانن جي نوڪري لاءِ اهل هجڻ واري عمر جي حد به پوري ٿي رهي آهي ته پوءِ انهن جو ڇا ٿيندو؟ 2022 تائين سوين پبلڪ سروس ڪميشن جا آفيسر، استاد، پروفيسر، ڪامورا ۽ ٻيا ملازم رٽائر ٿيندا ته هڪ وڏو خال پيدا ٿيندو اھو خال سنڌ جا نوجوان ڀري سگهن ٿا ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي فعال ڪيو وڃي ان کي مڪمل خود مختيار بڻايو وڃي ان ۾ سڌارا آندا وڃن ۽ ان ۾ ڪابه ٻي مداخلت برداشت نه ڪئي وڃي هن اداري جا شرط ۽ ضوابط پنجاب پبلڪ سروس ڪميشن واري طرز تي ٺاهيا وڃن. اهل ۽ ايماندار تعليم يافته فردن کي ميمبر بڻايو وڃي عدالت سڳوري هن ڪيس جو جلدي اڪلاءُ ڪري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي فعال بڻائي ۽ ڪميشن مان رشوت واري ڪلچر کي مڪمل ختم ڪري. هن اداري سان سنڌ جي نوجوانن جو مستقبل واڳيل آهي ۽ اهي انتظار ڪري رهيا آهن ته جلدي ڪو چڱو فيصلو ايندو جنهن مان سندن مايوسي ختم ٿيندي. اميد آهي ته تمام جلد بهتر فيصلو سامھون ايندو جنهن سان نوجوان اميدوارن جا والدين به خوش ٿيندا هزارين نوجوانن جا گهر به آباد ٿيندا۽ مايوسي ختم ٿيندي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.