افغانستان جي سرحد کولڻ سان سنڌ جي عوام کي خدشا آهن: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، مرڪزي اڳواڻ علي  محمد پرويز ميمڻ ۽ لال جروار پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته افغانستان جو بارڊر کولڻ وارو فيصلو ڪري وفاقي حڪومت به اشرف غني جي حڪومت وانگر طالبانن آڏو گوڏا کوڙي دنيا ۾ پاڪستان جي خواري ۽ بدنامي ڪرائي آهي. پاڪستان جي حڪومتن جي غلط پاليسين جو ئي نتيجو آهي جو دنيا پاڪستان ۽ طالبانن کي هڪ اک سان ڏسي ٿي. اڳواڻن چيو ته پاڪستان جي حڪمرانن کي ترڪي مان ڪجھ سکڻ گهرجي ته آمريڪا جي هڪ فون ڪال تي پنهنجي ملڪ جو ٻيڙو ناهي ٻوڙبو. ترڪي جيڪو پاڻ کي مسلمان ملڪن جو اڳواڻ سڏرائي ٿو ان به پناهگيرن کي ترڪي ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ، هنن  وڌيڪ چيو ته افغانستان جو بارڊر کولي افغاني پناهگيرن کي پاڪستان ۾ داخل ڪرڻ سان سنڌ جي عوام کي خدشا آهن ته اڳ جيان هاڻي به لکين افغانين کي سنڌ ۾ آڻي سنڌ تي ڌارين جو قبضو ڪرايو ويندو. ان سموري معاملي ۾ پيپلز پارٽي جي مجرمانه خاموشي ٻڌائي ٿي ته پيپلز پارٽي جيئن ٻيٽ ڳجھ ڳوھ ۾ وفاق کي لکي ڏئي آئي هئي تيئن ئي ڳجھ ۾ پوري سنڌ افغاني پناهگيرن حوالي ڪري ڇڏيندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.