پاڻي نه مليو ته ڪمون شهيد تي ڌرڻو هڻي سگهون ٿا: ڄام خان شورو

ڪراچي(م ڊ) آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو آهي ته اسان وٽ خريف جي فصلن لاءِ پاڻي ناهي، وڏي وزير جي پاڻي کوٽ  بابت پريس ڪانفرنس کانپوءِ سنڌ جي حصي جو پاڻي گهٽايو ويو، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اسان کي حصي جو پاڻي نه مليو ته ڪمون شهيد وٽ ڌرڻو هڻي سگهون ٿا، هن چيو ته پاڻي نه ملڻ سبب سنڌ جي آبادگارن کي 3 ارب رپين جو نقصان پهتو آهي، سنڌ جون زمينون بنجر بڻجي ويون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.