ارسا هوڏ تي قائم، لنڪ ڪينال بند ڪرڻ کان جواب

ڪراچي (رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ ڪابينا  وڏي انگ ۾ ڪامورن جون پوسٽون خالي هجڻ  ۽ ان سان عوامي ڪم رولڙي ۾ پوڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته عدالتن پاران ايڊيشنل چارجز نه ڏيڻ جي حڪمن کانپوءِ  حڪومتي وهنوار شديد متاثر ٿيو آهي، ڪابينا وفاق کان لنڪ ڪئنال بند ڪري سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته مئريج ريزِسِٽَنٽ ايڪٽ ۽ اُن جا رولز چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽيءَ ۾ ضم ڪرڻ جي منظوري به ڏني وئي آهي. ڪالهه وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه، ڪابينا ميمبرن ۽ ايڊووڪيٽ جنرل شرڪت ڪئي، ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته  گذريل ٽن سالن دوران  سنڌ سرڪار پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس (پي اي ايس) جي گريڊ 21 جا  50 سيڪڙو، گريڊ 20 جا 75 سيڪڙو ۽ گريڊ 19 جا 80 سيڪڙو آفيسرن جي کوٽ کي منھن ڏئي رھي آھي. صوبائي ڪابينا گريڊ 21 ۽ گريڊ 20 جي 58 پوسٽن کي فلوٽنگ پوسٽ قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي.  سنڌ ۾ گريڊ 21 جون 25 پوسٽون آھن، انھن مان 16 پوسٽون پي اي ايس جون آھن، ھن وقت پي اي ايس جا رڳو 5 آفيسر ڪم ڪري رھيا آھن ۽ 11 پوسٽون گريڊ 21 جون خالي آھن. اھڙي ريت گريڊ 20 جون 142 منظور ٿيل اسامين مان پي اي ايس جون 59 پوسٽون آھن جنھن جي ابتڙ رڳو 25 آفيسر ڪم ڪري رھيا آھن ۽ 34 پوسٽون خالي آھن.   وڏي وزير چيو تھ حڪومتي ادارن جي مامرن کي صحيح ريت ھلائڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ اھم عھدن کي ڀريو وڃي. 140 پي اي ايس آفيسرن جي وڏي انگ ۾ کوٽ ان ڪري ٿي آھي تھ وفاقي حڪومت سنڌ کي حصي مطابق آفيسرن جون بدليون ڪرڻ کان لنوائي رھي آھي. واضح رھي تھ پي اي ايس جي حصي ۾ ايندڙ پوسٽن جا تفصيل، ڪم ڪرڻ جي ڏات ۽ شارٽ فال جو جيڪڏھن گذريل ڇھن سالن احاطو ڪيو وڃي تھ اوسط گذريل ٽن سالن جاانگ اکر حيران ڪندڙ سامھون آيا آھن. گريڊ 19 ۽ ان کان مٿي پي اي ايس آفيسرن جي موجودگيءَ جو تعلق آھي ان حوالي سان سنڌ حڪومت گريڊ 21 ۾ 50 سيڪڙو، گريڊ 20 ۾ 75 سيڪڙو کان وڌيڪ ۽ گريڊ 19 ۾ 80 سيڪڙو تائين کوٽ کي منھن ڏئي رھي آھي. ڪابينا آفيسرن جي ڏي انگ ۾ کوٽ کي ڏسندي فيصلو ڪيو تھ گريڊ 21 جون 11 پوسٽون بشمول چيئرمين پي اينڊ ڊي، چيئرمين سي ايم انسپيڪشن اينڊ انڪوائريز ٽيم، چيئرمينب اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمنٽ ۽ ڪمشنر ڪراچي ڊويزن کي گريڊ 20 / گريڊ 21 ۾ بطور فلوٽنگ پوسٽس ڊڪليئر ڪيو وڃي. گريڊ 20 /گريڊ 21 ۾ انھن پوسٽس کي ڊڪليئر ڪرڻ سان اھي پوسٽون پي اي ايس، ايڪس پي سي ايس ۽ پي ايس ايس آفيسرن جي سنيارٽي جي حساب سان ڀري سگھجن ٿيون.   آبپاشيءَ واري وزير ڄام خان شوري ڪابينا کي ٻڌايو تھ ارسا انڊس سسٽم مان جھلم چناب سسٽم ۾ سي جي ۽ ٽي پي لنڪ ڪينالن ذريعي پاڻيءَ جي منتقلي جي اجازت ڏني آھي، ان نتيجي ۾ نھ رڳو بيٺل فصل خراب ٿي رھيو آھي ۽ پيئڻ واري پاڻيءَ جي ڏڪار جو امڪان آھي. ڪابينا ارسا تي زور ڀريو تھ اھي جھلم چناب سسٽم ۾ پاڻي جي ڊسچارج/ وھڪري کي بند ڪري ۽ سنڌ لاءِ پاڻي ڇڏيو وڃي.   توانائيءَ واري وزير امتياز شيخ صوبي جي ٻھراڙين ۾ ڊگھي لوڊشيڊنگ واري مامري کي اٿاريو. ھن چيو تھ ٻھراڙين ۾ لڳايل پراڻا ٽرانسفارمرز عام طور تي سڙي ويندا آھن ۽ انھن جي مرمت ۾ 4 کان 5 ھفتا لڳندا آھن، جنھن سبب غريب رھواسين کي تمام تڪليف ٿيندي آھي. ڪابينا بجلي ورھائڻ وارين ڪمپنين تي زور ڀريو تھ اھي سندن نظام ۾ سڌارا آڻن ۽ خاص طور تي ٻھراڙي وارن علائقن اندر نوان ٽرانسفارمرز لڳايا وڃن.   ڪابينا کي ٻڌايو ويو تھ صوبائي بينوولينٽ فنڊ بورڊ (پي بي ايف بي) بينوولينٽ فنڊ جو نگران آھي ۽ صوبن ۾ مالي وضيفن/ الائونس واريون گھرجون پوريون ڪندو آھي، اھو لائونس سرڪاري ملازم جي بيوھ کي ڏنو ويندو آھي. وومين ڊولپمينٽ واري وزير شھلا رضا ڪابينا کي درخواست ڪئي تھ ھُوءَ سنڌ چائلڊ ميرج ريسٽرنٽ ايڪٽ 2013 ۽ ان جي رولز 2016 کي چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ايڪٽ 2011 جي ضم ۽ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ واري بل 2021 ۾ ترميم جي منظوري ڏني.  ڪابينا فشريز ۽ لائيواسٽاڪ واري وزير باري پتافيءَ پاران پيش ڪيل اينيمل ھيلٿ ڪراچي جي قاعدن جي پڻ منظوري ڏني سنڌ ڪابينا کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي آبپاشي وزير ڄام خان شورو ۽ سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته ارسا سنڌ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، مڪاني چونڊن لاءِ وفاقي حڪومت پنهنجا فيصلا مڙهڻ بدران قانون تي عمل ڪري. ترجمان مرتضي وهاب وڌيڪ چيو ته سنڌ جي آدم شماري جي حوالي سان انگ اکر غلط ڏيکاريا آهن،  سنڌ  ۾ آدمشماري جي حوالي سان  قانوني ۽ آئيني طريقي تي ڪم ڪيو وڃي، تڪ بندين بابت وفاق سان اڳ به ڳالهايو هو، آرٽيڪل 154 تحت ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، هن چيو ته مڪاني  اليڪشن قانون مطابق ٿيڻ گهرجن،وفاقي حڪومت پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪري رهي آهي، اليڪشن ڪميشن اسان جو موقف ٻڌو،  ميڊيا تي غلط خبرون هلايون ويون ته بلدياتي اليڪشن 20 ڏينهن ۾ ڪرايون وڃن پر ائين نه هو،اسان بلدياتي اليڪشن ڪرائڻ جا حامي آهيون، ان لاءِ به تيار آهيون پر ان کا اڳ آدمشماري جي انگ اکرن کي درست ڪيو وڃي، تڪراري آدمشماري تي تڪبنديون نه ٿيون ٿي سگهن. سنڌ چين سان بهتر لاڳاپا ڪرڻ لاءِ ڪلفٽن ۾ چين کي زمين ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي، آبپاشي واري وزير  ڄام خان شورو  چيو ته ارسا  سنڌ جي وڏي وزير جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ  سنڌ جو وڌيڪ پاڻي بند ڪري ڇڏيو، گذريل ڏينهن سنڌ سرڪار پاران ارسا کي پاڻي کوٽ خلاف خط لکيو آهي، سنڌ پاڻي کوٽ خلاف سراپا احتجاج آهي. ڪجھه ڏينهن کانپوءِ پاڻي جي کوٽ وڌڻ جا امڪان آهن. آبپاشي کاتي جي وزير ڄام شوري چيو ته بدين، ٺٽي، ڪينجهر سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ آهي،وفاق کي گهرجي ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏئي. 03

لنڪ ڪينال بند  ڪيو، سنڌ ۾ ڏڪار جو خدشو آهي: سنڌ سرڪار

اسلام آباد(م ڊ) پاڻي وسيلن بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ارسا جي چيئرمين هٺ ڌرمي قائم  رهندي سي جي ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال وهائڻ کي جائز قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته سنڌ جي حصي مان وڌيڪ 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي گهٽائي ڇڏيو آهي. اجلاس ۾ موجود سنڌ جي نمائندن صوبي ۾ پاڻي کوٽ بابت آگاهي ڏني ۽ ٻئي ڪئنال فوري طور بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي ارسا چيئرمين ٻئي ڪئنال بند ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو. ارسا سڄي ملڪ ۾ پاڻي کوٽ جو بهانو بڻائي سنڌ جي حصي مان وڌيڪ 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي گهٽائي ڇڏيو. ارسا چيئرمين چيو ته گليشيئر گهٽ پگهرجڻ سبب پاڻي جي کوٽ آهي، وهڪرن ۾ لاٿ آئي آهي. تونسا ۽ پنجند لنڪ ڪينال بند ڪرڻ جو مطالبو رد ڪندي ارسا چيئرمين چيو ته هن ۾ پنجاب ٺاهه موجب حصي جو پاڻي وهائي پيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.