مظفرڳڙهه ۾ ڳورهاري عورت کي وچ روڊ تي بي لباس ڪرڻ جو سانحو

مظفر ڳڙهه (م ڊ) مظفر ڳڙهه ۾ ڳورهاري عورت کي وچ روڊ تي مڙس سامهون بي لباس ڪرڻ جي افسوسناڪ واقعي جو انڪشاف ٿيو آهي.رپورٽ موجب 8 آگسٽ تي ڳورهاري عورت مڙس سان گڏ موٽر سائيڪل تي  دوا وٺڻ کانپوءِ گهر وڃي رهي هئي ته 5 جوابدارن رستي ۾ سندن گهيرو ڪيو ۽ اها شرمناڪ حرڪت ڪئي، ان دوران جوابدارن عورت جي مڙس تي تشدد به ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته متاثر عورت جي ڀاءَ تي هڪ جوابدار جي ڀيڻ سان زيادتي جو الزام آهي، جنهن مبينا طور بدلو وٺڻ لاءِ اها ڪِريل حرڪت ڪئي.واقعي کي ٻه هفتا گذرڻ باوجود 5 مان 2 جوابدار اڃا گرفتار ناهن ٿي سگهيا، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي 3 جوابدارن عبوري ضمانت ڪرائي آهي.هوڏانهن ريجنل پوليس آفيسر ڊي جي خان چيو آهي ته ٽن جوابدارن جي عبوري ضمانت رد ڪرائي ويندي، انهن کي ضمانت جو موقعو ڇو مليو؟ ان جي به انڪوائري ڪئي ويندي.ٻئي پاسي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار واقعي جو نوٽيس پوليس اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.